ڪارڊف(م ڊ) ڪرڪٽ ورلڊ ڪپ جي ستين ميچ ۾ سريلنڪا افغانستان کي شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي. سريلنڪا جي بيٽنگ ڪمزور هئي ۽ 201 رنز جو ٽارگٽ ڏنو هو پر برسات سبب افغانستان کي 41 اوورز ۾ 187 رنز جو ٽارگٽ مليو جيڪو هو حاصل نه ڪري سگهيا. بظاهر افغانستان لاءِ آسان ٽارگٽ هو پر سندن پوري ٽيم 152 تي آئوٽ ٿي وئي. هڪ موقعي تي 57 تي 5 آئوٽ هئا پر هو سنڀالي ويا. ليڪن پراديپ 31 رنز تي 4 آئوٽ ڪري سندن اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. ملنگا يارڪرز جو سهارو ورتو ۽ 3 وڪيٽون ورتيون. افغانستان جي بالر محمد نبي هڪ موقعي تي 5 بالن تي 3 وڪيٽون وٺي سريلنڪا لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي هئي. سريلنڪا نيوزيلينڊ کان 10 وڪيٽن تي شڪست کائڻ بعد مايوس هئي پر هي ميچ کٽڻ بعد کين حوصلو مليو آهي. افغانستان آسٽريليا کان اڳ م ئي شڪست کائي چڪو آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سول نافرماني جي تحريڪ
سنڌيار سکر 17 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 17 ڊسمبر 2024ع
ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اهم پليٽ فارم شروع ڪرڻ جو فيصلو
ايسٽرولوجي الرٽ، ڪنهن ڪنهن کي محطاط رهڻ گهرجي؟
اعجاز ميمڻ ’سي پي جي ايم پي‘ جو چيئرپرسن مقرر
آمريڪا ۽ ڪئنادا جي سنڌين جي تنظيم ’سانا‘ جا نوان عهديدار
گنڊاپور کي عمران سان ملاقات جي اجازت نه ملي ، انتظار کان پوءِ روانو
ڪو وي پي اين بلاڪ ناهي ڪيو ۽ نه ڪنداسين: پي ٽي اي چيئرمين
پراڻي دشمني تان فائرنگ، 14 ورهين جو نينگر مارجي ويو
حڪومت ڳالهين ۾ سنجيده آهي ته اسان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون
پيپلزپارٽي جمهوريت جو راڳ الاپيندي ٿڪبي نه آهي: حيدري
پنجاب کي سڄي دنيا لاءِ واپار ۽ سرمائيڪاري جو مرڪز بنائينداسين
اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان
نواب ولي محمد ۾ پوليس ڪارروائي، جوابدارگرفتار، چرس هٿ
ميهڙ ۾ پلال کي لڳل باهه مان هڪ شخص جو لاش هٿ
پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ممڪن ناهي، عدليه ٽرڪ جي بتي پويان لڳائي وئي آهي
اي پي ايس سانحو ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي: بلاول
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو: شيخ رشيد
اي پي ايس سانحي کي 10 سال گذري ويا، ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي