لاهور (ويب ڊيسڪ)سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.پاڪستاني اسڪواڊ ۾ بابر اعظم (ڪپتان)، محمد رضوان (نائب ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر)، عامر جمال، عبدالله شفيق، ابرار احمد، حسن علي، امام الحق شامل آهن.محمد هريرا، محمد نواز، نسيم شاهه، نعمان علي، سلمان علي آغا، سرفراز احمد (وڪيٽ ڪيپر)، سعود شڪيل، شاهين آفريدي ۽ شان مسعود کي به سريلنڪا جي دوري لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.سريلنڪا خلاف 2 ٽيسٽ ميچن جي اها سيريز دراصل ٽين آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي پهرين سيريز هوندي.پاڪستاني ٽيم جي سپورٽ اسٽاف ۾ ريحان الحق (مينيجر)، گرانٽ بريڊ برن (هيڊ ڪوچ)، اينڊريو پيوٽڪي (بيٽنگ ڪوچ)، مورني مورڪل (بولنگ ڪوچ)، آفتاب خان (فيلڊنگ ڪوچ)، عبدالرحمان (اسسٽنٽ ڪوچ) هوندوان کان علاوه سپورٽ اسٽاف ۾ ڊريڪس سائمن (اسٽرنٿ اينڊ ڪنڊيشننگ ڪوچ)، ڪلف ڊيڪن (فزيوٿراپسٽ)، احسن افتخار ناگي (ميڊيا ۽ ڊجيٽل ڪنٽينٽ مئنيجر)، ليفٽيننٽ ڪرنل ريٽائرڊ عثمان انوري (سيڪيورٽي مئنيجر) شامل آهن.طلحه اعجاز (تجزيه نگار) ۽ ملنگ علي (ميسر) شامل آهن. چيف سليڪٽر هارون رشيد جو چوڻ آهي ته هو سمورن چونڊيل رانديگرن خاص ڪري محمد هريرا ۽ عامر جمال کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو جن پنهنجي شاندار ڪارڪردگيءَ سبب ٽيم ۾ جاءِ ٺاهي آهي.سندس چوڻ آهي ته ٽيم جي چونڊ سريلنڪا جي حالتن ۽ چئلينجز کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آهي، اها ٽين آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ اسان جي پهرين سيريز آهي ۽ هي اسڪواڊ اسان کي سٺي شروعات ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي.هارون رشيد جو چوڻ آهي ته سريلنڪا جون حالتون فنگر اسپنرز لاءِ سازگار آهن، اسان اهو ماضي ۽ پاڪستاني ٽيم جي گذريل دوري ۾ ڏٺو آهي، ان ڪري ئي اسان ٽيم ۾ 3 اهڙا اسپنر رکيا آهن، جن ۾ اسپنر ابرار احمد به شامل آهي هارون رشيد جو چوڻ آهي ته فاسٽ بالرز جي به اهميت آهي ان ڪري ٽيم ۾ 4 فاسٽ بالرز کي چونڊيو ويو آهي ته جيئن ڪپتان ۽ ٽيم مئنيجمينٽ وٽ دوري ۾ ڪافي وسيلا هجن، بيٽنگ لائن به مضبوط هجي.هارون رشيد چيو ته جيڪي رانديگر هن دوري لاءِ نه چونڊجي سگهيا آهن انهن کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي ڇو ته اهي به اسان جي پلان جو حصو هوندا.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 3 جولاءِ تي ڪراچي ۾ پهچندي جتي ان جي ڪيمپ 9 جولاءِ تي روانگي تائين جاري رهندي، دوري جو شيڊول سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ جاري ڪندو.پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ آخري ٽيسٽ سيريز جولاءِ 2022 ۾ کيڏي وئي هئي جيڪا 1-1 تان برابر رهي هئي.
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون، صدر سان وزيراعظم جي اهم ملاقات
ملڪ ڪاروبار دوست ناهي رهيو ، بزنس فورم جو ناڻي واري وزير کي خط
سال 2025 ۾ عام موڪلون ۽ اختياري موڪلون 40 ٿينديون،نوٽيفڪيشن
قائداعظم ڏهاڙي ۽ ڪرسمس جي موقعي تي موڪل جو اعلان
ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:رياض چانڊيو
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو
ملڪ جي فيصلن ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون: علوي
ڪاروباري هفتي جي مثبت شروعات، 2495 پوائنٽس جي واڌ