سرڪاري اسڪولن مان غير حاضر ملازمن کي ڪڍڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي تعليم کاتي سرڪاري اسڪولن مان غير حاضر ملازمن کي ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب سنڌ جي تعليم کاتي غير حاضر استادن جي حتمي لسٽ طلب ڪري ورتي آهي.سمورن ضلعن، تعلقن جي ايجوڪيشن آفيسرن کي ٻن ڏينهن اندر حتمي ڊيٽا فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته غير حاضر ملازمن وارننگ باوجود لاڳاپيل آفيسرن سان رابطو نه ڪيو، ايف آءِ اي اوورسيز ملازمن جي ڊيٽا تعليم کاتي کي ڏني هئي.ڪيترن ئي سالن کان غير حاضر استاد ۽ ملازم گهرن ۾ ويهي پگهارون وصول ڪري رهيا هئا، تعليم کاتي جي مانيٽرنگ سيل ۽ ايف آءِ اي جي مدد سان غير حاضر ملازمن جو پتو لڳايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو