شهيدن کانسواءِ سرڪاري ملازمتن ۾ اولاد جي ڪوٽا غير آئيني قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جنرل پوسٽ آفيس (جي پي او) جي اپيل منظور ڪندي سرڪاري ملازمن جي ٻارن بابت سمورين پاليسين، پيڪيجز ۽ ڪوٽا کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي جسٽس نعيم افغان ڪيس تي 11 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪندي پشاور هاءِ ڪورٽ جي 2021 واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.فيصلي ۾ وزيراعظم پيڪيج فار ايمپلائيمينٽ پاليسي ڪوٽا ۽ ان جي آفيس مينيو سميت سنڌ سول سرونٽ رولز 1974ع جي سيڪشن 11-اي کي به ڪالعدم قرار ڏنو ويو.عدالت خيبرپختونخواه سول سرونٽ رولز 1989 جي سيڪشن 10 جي ذيلي شق 4 ۽ بلوچستان سول سرونٽ رولز 2009 جي شق 12 کي به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.فيصلي ۾ چيو ويو ته سرڪاري نوڪرين ۾ بيوه يا ٻار جو ڪوٽا بغير اشتهار يا اوپن ميرٽ جي مقرر ڪرڻ آئين جي آرٽيڪل 3، آرٽيڪل 4، آرٽيڪل 5 جي ذيلي شق 2، آرٽيڪل 25 ۽ آرٽيڪل 27 جي ابتڙ آهي.عدالت چيو ته وفاقي حڪومت سميت سموريون صوبائي حڪومتون سرڪاري ملازمن جي ٻارن کي اشتهار يا اوپن ميرٽ کانسواءِ ڀرتي ڪرڻ واري پاليسي ختم ڪن، پر عدالتي فيصلو سرڪاري ملازمن جي ٻارن کي اڳ ۾ ڏنل ڪوٽا تي لاڳو نه ٿيندو.سپريم ڪورٽ چيو آهي ته فيصلي جو اطلاق دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيلن جي قانوني وارثن ۽ شهيدن جي وارثن کي مليل پيڪيج ۽ پاليسين تي نه ٿيندو.عدالت چيو ته وزيراعظم کي ڪو به اختيار ناهي ته هو ڪوٽا قاعدن ۾ نرمي ڪري. ان حوالي سان چيو ويو ته غير مساوي سلوڪ اختيار ڪرڻ سان سٺي حڪمراني حاصل نه ٿي ڪري سگهجي، ڪوٽا تحت نوڪريون حاصل ڪرڻ ميرٽ ۽ امتيازي سلوڪ جي خلاف آهي.محمد جلال نالي شهري پنهنجي والد جي طبي بنيادن تي رٽائرمينٽ کانپوءِ چوٿين درجي جي نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.پشاور هاءِ ڪورٽ محمد جلال کي ڪانٽريڪٽ تي ملازمت ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو پر جي پي او پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو