سرڪاري نوڪرين لاءِ 15 سالن جي رعايت ۾ اڍائي مهينن تائين واڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت پاران سرڪاري نوڪرين لاءِ اميدوارن کي 15 سالن جي رعايت پهرين جنوري 2025ع تائين برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،سرڪاري نوڪرين لاءِ مختلف کاتن ۾ اپلاءِ ڪيل 28 سالن کان وڌيڪ عمر وارن اميدوارن لاءِ اها رعايت پهرين جنوري 2025ع کانپوءِ به برقرار رهندي ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ حڪومت پاران مختلف کاتن ۾ نوڪرين لاءِ 28 سالن کان وڌيڪ عمر وارن اميدوارن کي عمر جي حد ۾ ڏنل 15 سالن جي رعايت پهرين جنوري 2025 تائين برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته هن وقت يا ڪجهه وقت اڳ سرڪاري نوڪرين لاءِ درخواستون جمع ڪرائيندڙ 28 سالن کان وڌيڪ عمر وارن نوجوانن کي ٻي خاص رعايت اها به ڏني وئي آهي ته اهي پهرين جنوري 2025ع کانپوءِ به انهي رعايت لاءِ اهل هوندا جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پهرين جنوري 2025ع کانپوءِ 28 سالن کان وڌيڪ عمر وارو ڪو به اميدوار عمر ۾ 15 سالن واري رعايت حاصل نه ڪري سگھندو

پهنجو تبصرو موڪليو