سر سيد ايڪسپريس جون 3 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون

سکر(بيورو رپورٽ)روهڙي ريلوي اسٽيشن ويجهو سر سيد ايڪسپريس جون 3 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون. جنهن سبب ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ٽريڪ بند ٿي وئي آهي. ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽريڪ جي بهالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ سر سيد ايڪسپريس سان حادثو پيش آيو آهي جنهن ۾ خبر فائيل ڪرڻ تائين ڪنهن جاني نقصان جو اطلاع نه مليو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو