تونسا(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سعودي عرب هميشه پاڪستان جي مالي، اقتصادي ۽ ڊپلوميٽڪ مدد ڪئي، بدلي ۾ سعودي حڪومت ڪڏهن ڪجهه ناهي گهريو، ڪالهه سعودي عرب خلاف جيڪو بيان ڏنو ويو، ان کان وڏي ملڪ دشمني نٿي ٿي سگهي. تونسا ۾ ڪڇي ڪينال جي بحالي واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته جنرل (ر) مشرف جي دور ۾ ان رٿا جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو، بنا ڪنهن ٽينڊر جي ٺيڪيدارن جي حوالي ڪيو ويو، سڀ شاهدن آهن ته ڪهڙي بيدرديءَ سان قوم جو پئسو ضائع ڪيو ويو جڏهن ٻيهر نون ليگ جي حڪومت آئي ته 2018ع ۾اِهو ڪينال مڪمل ڪيو ويو. شهباز شريف چيو ته سعودي پاڪستان جو اهڙو برادر ملڪ آهي جنهن جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي، سعودي سدائين پاڪستان جي مالي، اقتصادي ۽ ڊپلوميٽڪ مدد ڪئي، ان بدلي ۾ سعودي حڪومت ڪڏهن ڪجهه ناهي گهريو، ڪالهه جيڪو بيان سامهون آيو ان کان وڏي ملڪ دشمني ٻي نٿي ٿي سگهي. وزيراعطم جو چوڻ هوته سعودي بادشاهه ۽ ولي عهد پاڪستان جي مدد ڪري رهيا آهن، هنن چيو آهي ته اوهان منصوبا آڻيون اسان ته انتظار ۾ آهيون، انهن خلاف زهر اوڳاڇڻ ڪيئن هوندو؟هن چيو ته جڏهن پاڪستان ايٽمي طاقت بڻيو ته هو ۽ نواز شريف سان سعودي ۾ هئا، مرحوم ڪنگ عبدالله نواز شريف جو هٿ پڪڙيو ۽ چيو ته تون منهنجو ڀاءُ آهين، اِهو فرمانروا جو حال آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف وٽان بيل آئوٽ پئڪيج ڏيارڻ ۾ سعودي عرب ڪردار ادا ڪيو، سعودي عرب خلاف زهر اوڳاڇڻ ڏوهه آهي. هن وڌيڪ چيو ته قوم سعودي عرب خلاف پروپيگنڊا ۽ ملڪي سلامتي سان کيڏڻ وارن جا هٿ ڀڃي ڇڏيندي.
سعودي عرب خلاف زهر اوڳاڇيو ويو ان کان وڌيڪ ملڪي دشمني نٿي سگهي
دهشتگردن جو نيٽورڪ ختم ڪرڻ جو عزم، فوج امن دشمنن جو پيڇو ڪندي
اڊيالا جيل ۾ عمران خان جو سيل ٿاڻو قرار، پوليس مقرر
پي ٽي آءِ جو احتجاج، اسلام آباد ايندڙ موٽر وي اڄ کان بند
ٽرانسپورٽ کاتي جون زمينون خالي ڪرائڻ جو فيصلو
سنڌو دريا اسان جو ساهه آهي، ڪينال ڪڍڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون
هي آخري احتجاج آهي، 24 نومبر واري فيصلي تي عمل ڪنداسين
پي ٽي آءِ احتجاج، عدالتي فيصلي تي پوري طاقت سان عملدرآمد جو اعلان
پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، جلسن، ريلين ۽ ڌرڻن تي بندش
ڪي پي پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن لاءِ نوان ظابطا اخلاق جاري
چمبڙ: ڳوٺ ڇتن آريسر ۾ نوجوان ناري آپگهات ڪري ڇڏيو
ڪنڌڪوٽ ۾ کوسا ۽ گولا برادري ۾ تڪرار، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي
آءِ نائن ٿاڻي تي ڪيس ۾ علي امين گنڊاپور اشتهاري قرار
لاهور دنيا جي آلوده ترين شهرن ۾ پهرين نمبر تي برقرار
سياري جي موڪل بعد سمورن ٻارن کي ٽرانسپورٽ ڏيڻ جو حڪم
بشريٰ جو بيان عوام کي گمراهه ڪرڻ جي برابرآهي : ارسلان
بشريٰ بي بي جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري، گرفتاري جو حڪم
عمران سان ملاقاتون نه ڪرائڻ تي جيل سپرنٽينڊنٽ جي معافي قبول
عدالتي رپورٽنگ تي پيمرا جي پابندي ڪالعدم قرار
مان ۽ جاويد ڇوڪرين سان دوستين ۾ مقابلو ڪندا هئاسين: سيد نور