رياض: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان سعودي سرمائيڪاري واري وزير ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم سعودي ولي عهد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.وزيراعظم عرب ملڪن جو سربراهي اجلاس منعقد ڪرڻ تي سعودي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو. شهباز شريف سعودي عرب ۾ پرجوش ميزباني تي سعودي حڪومت جو ٿورو ادا ڪيو.شهباز شريف سعودي عرب جي ويزن 2023 جي حمايت بابت پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ سعودي عرب جي ويزن 2023 جي حوالي سان سعودي قيادت جي تعريف پڻ ڪئي.انهي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. جڏهن ته سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو. سعودي ولي عهد سان ملاقات انتهائي مفيد رهي. هن چيو ته سعودي وزير جو تازو پاڪستان جو دورو اهم سنگ ميل هو جنهن سان نئين سرمائيڪار جو رستو سڌو ٿيو ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪيو ويو. شهباز شريف چيو ته سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
سنڌودرياءَ مان اضافي واهه، صوبي جي زرعي معيشت لاءِ خطرو آهن، شاهه
ڏکڻ ڪوريا ۾ صدر پاران مارشل لا لاڳو، پارليمان حڪم رد ڪري ڇڏيو
حڪومت يرغمال آهي، فيصلا اسٽيبلشمينٽ پئي ڪري: مالڪ بلوچ
حڪومت، آءِ ايم ايف جي پهرين جائزي ۾ 3 وڏا ٽارگيٽ پورا ڪرڻ ۾ ناڪام
آخري پتو باقي آهي، في الحال استعمال نه ڪندس: عمران خان
پاڪستان جي زمبابوي کي 10 وڪيٽن تان شڪست، سيريز به کٽي ورتي
هواوي جادوئي ٽيڪنالوجي وارو فون متعارف ڪرائي ڇڏيو
بلاول سان چيني سفير جي ملاقات،ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون
بهاولپور ۾ هڪ گهر مان 5 ڄڻن جا لاش هٿ
پي ٽي آءِ دهشتگرد گروهه آهي،مريم نواز
حڪومت سان گڏجي سامونڊي علائقن جي ترقي لاءِ سرگرم آهيون
امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام قربانيون ڏنيون آهن: امين
شدت پسندي ۽ انتهاپسندي پي ٽي آءِ جي عادت رهي آهي: شاهه
ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس، مُک جوابدارن جون ضمانتون واريون درخواستون رد
گهوٽڪي ۾ لڳل گهاري جو نوٽيس،جلد گهاري کي بند ڪرڻ جي هدايت
سانگهڙ ۾ بليڪ ميلنگ سبب نينگري خودڪشي ڪري ڇڏي
پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ احتجاج پرامن ٿيڻ گهرجن:ميٿيو ملر
ڪراچي جي موسم تبديلي،تيز هوائون گھـُلڻ جو امڪان ظاهر
جوهر موڙ ڀرسان رهائشي عمارت ۾ هڪ ڄڻو قتل
جعلي خبرن لاءِ 5 سال قيد، 10 لک رپيا ڏنڊ، شروعاتي مسودو تيار