سعودي ۽ ايراني پرڏيهي وزيرن وچ ۾ رابطو، غزه بابت ڳالهيون

رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان ۽ سندس ايراني هم منصب عباس عراقچي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي.سعودي ميڊيا موجب ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.سعودي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطن ۽ مشاورت جي اهميت تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو