واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جعفر ايڪسپريس مسافر ٽرين تي بزدلانه، وحشيانه ۽ دهشتگرد حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ سڀني ملڪن تي زور ڏنو آهي ته اهي بين الاقوامي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي مطابق پاڪستان جي حڪومت سان مڪمل تعاون ڪن. هڪ بيان ۾ سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن چيو ته اهي متاثر خاندانن، پاڪستاني حڪومت ۽ عوام سان پنهنجي دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪن ٿا، ۽ زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ دعا ڪن ٿا. سلامتي ڪائونسل جا ميمبر پنهنجي عزم کي ورجائين ٿا ته دهشتگردي کي ان جي سڀني شڪلن ۽ اظهارن ۾ بين الاقوامي امن ۽ سلامتي لاءِ سڀ کان سنگين خطرن مان هڪ سمجهيو ويندو.سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن زور ڏنو ته انهن سنگين دهشتگرد ڪاررواين جي مجرمن، منتظمين، مالي مدد ڪندڙن ۽ اسپانسرز کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ سڀني ملڪن تي زور ڏنو ته اهي بين الاقوامي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي مطابق پاڪستان جي حڪومت سان مڪمل تعاون ڪن.سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ٻيهر ورجايو ته ڪنهن به مقصد لاءِ ڪيل دهشتگردي جي ڪارروائي ناقابل قبول ۽ مجرمانه آهي.
