ملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ميچز ۾ ٻن ڏينهن جي آرام بعد ملتان ۾ کيڏيل اٺين ميچ ۾ ملتان سلطان پشاور زلمي کي 6 وڪيٽن تان هارائي وڏو اپ سيٽ ڪري ورتو. ٽاس کٽي زلمي کي ملتان بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ مقرر اوورز ۾ زلمي 18.3 اوورز ۾ 123 رنز ٺاهي پوري ٽيم آئوٽ ٿي وئي. ملتان جي بالرزکين وڏو اسڪور ڪرڻ کان روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ٽوم بينٽن ۽ ڪامران اڪمل اننگ شروع ڪئي ته پهرين اوور ۾ ٽوم بينٽن 5 بال کيڏي هڪ چوڪو هڻي عرفان جي بال تي شاهد آفريدي هٿان ڪيچ ٿي ويو. ڪامران اڪمل 3 چوڪا هڻي 9 بالن تي 15 رنز ٺاهي سهيل تنوير جي بال تي جيمس ونس هٿان ڪيچ ٿيو،
حيدر علي 2 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 27 بالن تي 47 رنز اسڪور ڪري سهيل تنوير جي بال تي رلي روسو هٿان ڪيچ ٿيو، شعيب ملڪ 4 بالن تي 2 رنز ٺاهي محمد الياس جي بال تي ذيشان اشرف هٿان ڪيچ ٿيو، ليم لونگسٽون 4بالن تي 2 رنز ٺاهي الياس جي بال تي ذيشان هٿان ڪيچ ٿيو، ليم ڊاسن هڪ چوڪي جي مدد سان 23 بالن تي 22 رنز ٺاهي شاهد آفريد جي بال تي ذيشان هٿان ڪيچ ٿيو، وهاب رياض 2 چوڪا هڻي 7 بالن تي 9 رنز ٺاهي عمران طاهر جي بال تي جيمز ونس هٿان ڪيچ ٿيو، ڊيرن سيمي 13 بالن تي 2 رنز ٺاهي عرفان جي بال تي ونز هٿان ڪيچ ٿيو، حسن علي هڪ چوڪي جي مدد سان 6 بالن تي 8 رنز ٺاهي سهيل تنوير جي بال تي الياس هٿان ڪيچ ٿيو، محمد عامر خان هڪ چوڪي هڻي 9 بالن تي 7 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ راحت علي 6 بالن تي هڪ رن ٺاهي سهيل تنوير جي بال تي آفريدي هٿان ڪيچ ٿيو. جيمز ونس ۽ ذيشان ٽي ٽي ۽ آفريدي 2 ڪيچ پڪڙيا. سهيل تنوير 3.3 اوورز ۾ هڪ ميڊن اوور ڪرائڻ بعد 13 رنز ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون ۽ مين آف دي ميچ ۽ بيسٽ بالر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. محمد عرفان 4 اوورز ۾ 31 رنز ڏئي 2 وڪيٽ، محمد الياس 3 اوورز ۾ 23 رنز ڏئي 2 وڪيٽ، شاهد آفريد 4 اوورز ۾ 31 رنز تي هڪ ۽ عمران طاهر 4 اوورز ۾ 23 رنز عيوض هڪ وڪيٽ ورتي. 124 رنز جي ٽارگٽ لاءِ ملتان سلطان بيٽنگ شروع ڪئي ته جيمز ونس ۽ معين علي اوپننگ ڪئي، ونس 5 بالن تي 5 رنز ٺاهي محمد عامر خان هٿان حسن علي جي بال تي ڪيچ ٿيو، معين علي 4 بالن تي 2 رنز ٺاهي راحت علي جي بال تي ليم ڊاسن هٿان ڪيچ ٿيو، ڪپتان شان مسعود 5 بالن تي هڪ چوڪ هڻي 8 رنز ٺاهي وهاب جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو، رلي روسو هڪ ڇڪي ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 42 بالن تي 49 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
وڪٽ ڪيپر ذيشان اشرف 5 بالن تي 3 چوڪا هڻي 12 رنز ٺاهي وهاب جي بال تي ٽوم بينٽن هٿان ڪيچ ٿيو ۽ خوشدل شاهه ٻن ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 29 بالن تي 43 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
محمد عامر خان 2 اوورز ۾ 35 رنز بنا وڪيٽ، وهاب رياض 3.4 اوورز م 36 رنز ڏئي 2 وڪيٽ، راحت ۽ حسن علي ترتيبوار 3 اوورز ۾ 22 ۽ 4 اوورز ۾ 20 رنز ڏئي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.