سليمه امتياز آءِ سي سي انٽرنيشنل پينل آف ڊولپمينٽ امپائرز نامزد

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي عورت امپائر سليمه امتياز کي آءِ سي سي انٽرنيشنل پينل آف ڊولپمينٽ امپائرز لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. سليمه امتياز اهو اعزاز حاصل ڪندڙ پهرين پاڪستاني عورت آهي، ان نامزدگي کانپوءِ هوءَ ٻه طرفي انٽرنيشنل سيريز ۽ آءِ سي سي وومينز ايونٽس ۾ امپائرنگ ڪري سگهندي.سليمه امتياز آءِ سي سي انٽرنيشنل پينل آف ڊولپمينٽ امپائرز ۾ نامزد ٿيڻ کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا وومين خلاف ٽي ٽوئنٽي هوم سيريز جي امپائرنگ ڪندي.52 سالن جي سليمه امتياز پنهنجي امپائرنگ ڪيريئر جي شروعات 2008ع ۾ ڪئي، هوءَ انٽرنيشنل وومين ڪرڪيٽر ڪائنات امتياز جي ماءُ آهي.سليمه امتياز جو چوڻ آهي ته هي نه رڳو منهنجي لاءِ پر پوري قوم لاءِ خوشي جو موقعو آهي، هي نامزدگي ٻين عورتن کي به حوصلو ڏيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو