سلينا گومر بيني بلانڪو سان مڱڻي ڪري ڇڏي

لنڊن (ويب ڊيسڪ)مشهور آمريڪي ڳائڻي ۽ اداڪارا سلينا گومز پنهنجي مڱڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب 32 ورهين جي سلينا گومز پنهنجي 36 ورهين جي دوست بيني بلانڪو سان مڱڻي ڪئي آهي.ان حوالي سان سلينا گومز سوشل ميڊيا تي لکيو آهي ته هميشه لاءِ هاڻي شروعات ٿي ويندي آهي، جڏهن ته بيني بلانڪو ڪمنٽ سيڪشن ۾ اداڪاره کي پنهنجي زال قرار ڏنو آهي. سيلينا گومز کي شوبز سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ مداحن طرفان مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو سلسلو جاري آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ٻئي شخصيتون گذريل سال (2023) کان گڏ آهن ۽ هاڻي ٻنهي پنهنجي مڱڻي جو باضابطا اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو