سماج سڌارڪ جو وڇوڙو

خاصخيلي لطيف راولاڻي
سنڌ سموري دانشورن ڏاھن سماج سڌارڪ مان ڀري پئي آھي ملير جو خطو انھي مان ھڪ آھي جتي انيڪ اھڙا ڪردار نظر اچن ٿا جيڪي پنھنجي سموري زندگي سماجي ڪمن جي حوالي ڪري چڪا آھن ۽ اھي ھڻ فاني دنيا ڏانھن روانو ٿيڻ کان پوء به ماڻھن جي دلين تي ھميشه جي لاء ياد رھن ٿا ۽ اھي ڪڏھن به مرڻا نه آھن اھڙن ئي املھ شخصيتن مان ڪراچي شھر ڇڏي ڪري ملير جي سرسبز زمين تي مستقل رھائش اختيار ڪندڙ سماج سڌارڪ بااخلاق باڪردار شخص سيد عابد حسين شاه به ھو سندس وڏا سنڌ جي مشھور تاريخي شھر خانواھڻ جا ھئا سندس والد سنڌ سيڪٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسر ھو۔ان ڪري ئي سيد عابد شاه ايم اي ايل ايل بي تائين تعليم حاصل ڪئي نوجواني ۾ قومي جذبي تحت سياست ڏانھن لاڙو ٿيو جيئي محاذ جڏھن قائم ٿي ته پاڻ ان ۾ شموليت اختيار ڪيائين ڪافي سالن تائين بغير عھدي جي ھڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ بي لوث ٿي ڪري قومي ذميواريون سنڀاليندو رھيو جڏھن 1995ع ۾ جيئي سنڌ ۾ ڏار پوڻ شروع ٿيا انا پرستي ۽ نظرياتي اختلاف جي ڪري مختلف دڙن ۾ ورھائجي وئي ته پاڻ پنھنجن ٻين نظرياتي دوستن جن جو تعداد ٻه سو کان مٿي ھو جن ۾ خاص طور تي ڪجھ دوست نمايان ھئا جن ۾ باغ علي ٻگھيو الطاف شيخ قاسم چانڊيو شاھنواز سرگاڻي ۽ ٻيا انھن سان گڏجي سياست کي خيرآباد چئي سماجي ڪمن ۾ جنبي ويو ۔سرڪاري نوڪري جي پرواه نه ڪندي سماجي ڪمن ۾ وڌي چڙھي ڪري حصو وٺڻ لڳو پنھنجي اداري سنڌ سيڪٽريٽ جي ملازمن جي تنظيم سينوا ۾ به عھديدار ٿي ڪري ملازمن جي جائز حقن لاء جدوجھد ڪيائين ۔ملازمت دوران ورڪرن جا ڪيس کڻي عدالت تائين پھچائيندو ھو ۽ مڪمل پوواري ڪندو ھو جيستائين اھو مسئلو حل نٿو ٿئي ملير ۾ جتي سندس رھائش بچل خاصخيلي ڳوٺ ۾ ھئي اتي زڪوات جو ڪوبه سرشتو نه ھو پاڻ ذاتي ڪوششون وٺي ڳوٺ ۾ زڪوات ڪميٽي جي منظوري وٺي اھا ڪميٽي رجسٽرڊ ڪرايائين جيڪا اڄ ڏينھن تائين قائم آھي ان کان علاوه ڳوٺ ۾ بند پيل لوئر سيڪنڊري اسڪول کي کولرائڻ ۾ به بالا آفيسرن سان لک پڙه ۽ اسڪول کولرائڻ لاء جدوجھد شروع ڪيائين جنھن ۾ سندس ٻانھن ٻيلي پروفيسر محمد رحيم راولاڻي ۔انڀ گوپانگ ۽ لال محمد پنھور ھئا پاڻ پنھجي ڀيڻ جيڪا سعودآباد جي اسڪول۾ استاد ھئي ان جو ٽرانسفر ڪرائي بچل خاصخيلي ڳوٺ ۾ ڪرايائين جئين تعليمي سلسلي کي جاري رکي سگھجي ۔پاڻ نوڪري کان پوء ڪل وقتي طور تي سماجي ڪارڪن ٿي ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين ڪوبه ڳوٺ ۾ سماجي تعليمي مسئلو ھوندو ھو ته پاڻ ان ۾ اڳڀرو رھندو ھو ڳوٺ ۾ قائم سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ به شرڪت ڪندو ھو کيس پابند شاعري غزل تي عبور حاصل ھئس سندس شاعري ڪجھ فنڪارن ڳائي به آھي جڏھن سگا ملير شاخ قائم ٿي ته پاڻ ان جو حصو ٿيو روشن تارا اسڪول بچل خاصخيلي ڳوٺ جي پيرنٽس ڪميٽي جو اڳواڻ چونڊيو ويو ۔ڳوٺ م سماجي ڪمن جي حوالي سان بچل ڳوٺ سماجي سنگت قائم ٿي ته پاڻ ان ۾ به سرگرمي ڪندي بغير ڪنھن عھدي جي ڪم ڪندو رھيو ۔سماجي ڪمن ۾ صرف ٿي ڪافي بيروزگارن کي روزگار سان لڳايائين کين مناسب رقم ڏئي ڪاروبار به کولي ڏنائين ته جڏھن اوھان کي منافعو ملي ته پوء رقم موٽائي ڏجو اھي سب ڪم اڪيلي سر ڪندو ھو جن جي تمام ٿورن ماڻھن کي جيڪي ان جي ويجھو ھوندا ھئا انھن کي خبر ھئي ته سائين سماجي ڪمن کان علاوه مالي مدد پڻ ڪندو آھي ۔
رٽائرمنٽ کان پوء به اڃان سرگرميون وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيون ڪجھ دوستن سان گڏجي گڏيل بنيادن تي جو کيڙي سو کائي تي عمل ڪندي ساڪري جي علائقي ۾ زمين مقاعدي تي حاصل ڪري ٻني ٻاري جو ڪم شروع ڪيائين ۽ ان مان ٿيندڙ منافعو سماجي ڪمن تي خرچ ڪرڻ جو ارادو ھوس پر اھي زميني تجربا تمام ڏکيا ثابت ٿيا پاڻ رٽائرمنٽ جي سموري رقم انھي ۾ خرچ ڪري ڇڏيائين پر ڪڏھن به سندس چھري تي پريشاني ۽ مايوسي نظر نه آئي اڃان به وڌيڪ جدوجھد لاء تيار ٿي ويندو ھو ۔اڪثر ذڪر ڪندو ھو ته اھي زندگي جا تجربا آھن جيڪي ڪرڻ ضروري آھي دبيا جا فلسفي به چئي ويا آھن ته صرف ٿيوري تي نه ڀاڙيو ان لاء عملي تجربا به ڪرڻا آھن پاڻ ھڪ سماجي پروگرام سوشل اڪانمسٽ جو خاڪو تيار ڪيائين جنھن ۾ ڪراچي ۾ سنڌي ماڻھو ڪئين روزگار ڪري ان جا طور طريقا مول متا تيار ڪري عملي طور تي ڳوٺ ۾ ھڪ فلاحي ڪلينڪ جو بنياد وجھي ٻه عدد ڊاڪٽر ۽ ٻيو ميڊيڪل جو عملو رکي سستي فلاحي ادارو قائم ڪيائين جيڪو ڪافي وقت تائين ھليو پر ڊاڪٽرن جي عدم دلچسپي جي ڪري ان کي بند ڪرڻو پيو ان کان علاوه نوجوانن کي قرض ڏيڻ جي اسڪيم پڻ شروع ڪيائين ۽ عورتن لاء سورمين سٿ قائم ڪري غريب بيواه عورتن لاء به سلائي مرڪز قائم ڪري کين روزگار سان لڳايو ۔1985.86 ۾ جڏھن ڪراچي ۾ ھڪ منظم سازش تحت لساني فساد شروع ٿيا ڪراچي جي ڪنڍ ڪڙڇ ۾ سنڌي ماڻھن کي ڳولي ڳولي ماريو ويو پئي اھڙي صورتحال ھتي ملير ۾ به رونما ٿي بچل خاصخيلي ڳوٺ تي جمع جي ڏينھن پلاننگ تحت انڌا ڌنڌ گولين جي بارش شروع ٿي ته سائين جي انھي ڪردار فوري ائڪشن سڀني علائقي واسين کي حيران پريشان ڪري ڇڏيو جو سائين فوري طور تي پنھنجي اوطاق کي مرڪز ٺاھي سڀني سياسي ڌرين سان رابطا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا ۽ ھڪ بھادر گويلي جو روپ ڌاري ميدان جنگ ۾ ڪاھي پيو ۽ گولين جو جواب گولين سان ڏنائين۽ ان وقت سياست ۾ سرگرم قادر مگسي سان رابطو ڪري ساٿين سميت جنھن ۾ ناظم منگي ۽ لال محمد پنھور ۽ ڊاڪٽر دائود آٿو جو وڏو ڀاء حسن آٿو به سائين سان گڏ ھو سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شامل ٿي مظلوم ماروئڙن جي مدد لاء اڳتي آيا ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي کي ڳوٺ ۾ آجياڻو به ڌنائون ۔عام ڳوٺاڻو پريشان سائين سيد سڳورا اوھان جي ھٿ ۾ سدائين قلم ھوندو آھي ھي ھٿيار سائين وراڻيو سنڌي قوم کي بچائڻ لاء قلم سان گڏ ھٿيار به ضروري آھي ھي جديد دور آھي ھن دور ۾ پنھنجي ۽ ماروئڙن جي حفاظت لاء ھٿيار به رکڻو پوي ٿو سائين گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ ھو پاڻ ڳوٺ جي بچاء ڪميٽي جو چيئرمن ٿي ڪري پنھنجون ذميواريون نڀائڻ شروع ڪيائين ۔پاڻ سنڌ سيڪٽريٽ جي فنانس ڊپارٽمنٽ کان سروس اينڊ جنرل ڊپارٽمنٽ تائين ارڙھين گريڊ تائين پھچي رٽائر ٿيو پر ڪڏھن به پاڻ کي آفيسر تصور نه ڪيائين عام ماڻھن وانگر سڄي عمر سادي زندگي گذاريائين آخري وقت تائين دوستن سان رابطا جاري رھيا انھن جا حال احوال وٺندو ھو جنھن جو ذڪر راقم سان سندس ويجھن دوستن الطاف شيخ يارمحمد راھول ۽ لال محمد پنھور ڪيو اڄ سائين اسان جي وچ ۾ ڪونھي پر سندس ڪيل سماجي ڪم اخلاق ڪردار ھميشه لاء يادگيري جي صورٿ ۾ اسان جي آڏو رھندو اھڙي انمول ھيري کي ڪڏھن به وساري نٿو سگھجي

پهنجو تبصرو موڪليو