سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪيتن بابت اهم بل منظور

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر ) سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪيتن بابت خاص عدالتن جي قيام جو بل سينيٽ مان منظور ڪيو ويو. خميس ڏينهن سينيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري سالڪ طرفان پيش ڪيل بل گڏيل طور منظور ڪيو ويو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي علي ظفر بل لاڳاپيل ڪميٽي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڪوڙا ڪيس به ٺاهيا ويندا آهن. رميش ڪمار چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ملڪيتن تي قبضو ڪيو ويندو آهي، عرفان صديقي چيو ته سمورا ميمبر ان بل جي حمايت ڪن ٿا، سمنڊ پار پاڪستانين جا حق آهن، انهن لاءِ اهو قانون واضح ڪيو ويو آهي، سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪيتن جي حفاظت ضروري آهي، ڪوڙن ڪيسن جو معاملو الڳ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو