سمنڊ گھمڻ آيل جوڙي جي تذليل تي چار پوليس اهلڪار برطرف

ڪراچي(م ڊ) سمنڊ ڪناري گهمڻ آيل جوڙي جي تذليل ڪرڻ، ڀتو گهرڻ ۽ مٿن تشدد ڪرڻ جي الزام ۾چار پوليس اهلڪارن کي ملازمت مان برطرف ڪيو ويو آهي. اهڙي ڪارروائي جوڙي سان ٿيل زيادتي جي وڊيو منظرِعام تي اچڻ بعد ڪئي وئي آهي. خبر موجب ٽن اهلڪارن کي ڪوارٽر گهاٽ به ڪيو ويو، هڪ جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. حد جي، ايس پي سهائي عزيز ٽالپر چيو آهي ته وڊيو ۾ نظر ايندڙ ٻنهي اهلڪارن جي ڊيوٽي سي ويو تي نه هئي. ٻئي پاسي، ايس ايس پي پير محمد شاهه چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث ڪنهن به اهلڪار کي نه ڇڏيو ويندو، متاثر ڌر پاران ڪيس داخل نه ڪرائڻ جي صورت ۾ به اهلڪارن خلاف محڪماڻي ڪارروائي ڪئي ويندي.مليل ڄاڻ موجب سي ويو تي گهمڻ لاءِ آيل هڪ جوڙي کان پوليس اهلڪارن پيسا گهريا ته نوجوان مزاحمت ڪندي معاملي جي لائيو وڊيو ٺاهڻ شروع ڪئي ته اهلڪارن کيس وڊيو بند ڪرڻ لاءِ رائيفل تاڻي کيس ڌمڪيون ڏنيون، نوجوان ريڪارڊنگ جاري رکي ته اهلڪار کيس مارڻ لاءِ اڳتي وڌيا ته نوجوان جي گهرواري اهلڪارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهلڪار کيس ڌڪا ڏئي پاسي تي ڪندا رهيا ۽ نوجوان جي پويان ڊوڙندا رهيا، پوليس جي غنڊا گردي واري اهڙي وڊيو سامهون اچڻ بعد اي ايس آءِ ذوالفقار علي، احمد خان۽ قربان سميت 4 اهلڪارن کي برطرف ڪري ٽن کي ڪوارٽر گهاٽ ڪيو ويو، هڪ روپوش اهلڪار زاهد جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، ايس پي ڪلفٽن سهائي عزيز چيو ته ٻنهي اهلڪارن جي ڊيوٽي سي ويو تي نه هئي، هڪ اهلڪار احمد خان جي ڊيوٽي عبدالله شاهه غازي جي مزار تي هئي ۽ اي ايس آءِ ذوالفقار سڪيورٽي ٽو ۾ مقرر هو، ٻئي پنهنجي ڊيوٽي ڇڏي سي ويو ويا هئا، ايس پي سهائي عزيز جو چوڻ آهي ته متاثره شهري ٻنهي اهلڪارن خلاف ڊپارٽمينٽل ڪارروائي چاهي ٿو، ٻنهي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن ايس ايس پي سائوٿ پير محمد شاهه چيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سي ويو واقعو ڪجهه اهلڪارن جي ڪري پيش آيو، اهلڪارن ڀتو گهرڻ جي ڪوشش ڪئي، اي آءِ ايس ذوالفقار بوٽ بيسن ٿاڻي تي مقرر هو، اهو اهلڪار احمد خان. زاهد ۽ قربان سان گڏ سي ويو تي ويو، اهلڪار قربان واقعي ۾ نه ملوث نه هو، پر گينگ ۾ ساڻن گڏ هو، اهلڪار زاهد روپوش ٿي ويو آهي، سندس ڳولا جاري آهي، ايس ايس پي پير محمد شاهه چيو ته اهڙو واقعو جنهن سان به ٿئي، ضرور ٻڌايو وڃي ته جيئن ڪارروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو