سمورا رانديگر پي ايس ايل لاءِ تيار آهن: نسيم شاهه

ڪوئيٽه (ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر نسيم شاهه چيو آهي ته سمورا رانديگر پي ايس ايل لاءِ تيار آهن.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته سٺي راند کيڏون ۽ ٽرافي کٽيون.فاسٽ بالر چيو ته بلوچستان جا ماڻهو ڪرڪيٽ کي تمام گهڻو پسند ڪن ٿا، ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ ميچ تمام سٺي آهي، سٺي ميچ ٿيڻ واري آهي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجا ستارا ڏسندا.نسيم شاهه وڌيڪ چيو ته بابر اعظم ورلڊ ڪلاس رانديگر آهي، ڪوشش ڪندس ته سندس خلاف ميچ ۾ سٺي بالنگ ڪريان.

پهنجو تبصرو موڪليو