سموري دنيا ۾ مهاڻن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ سميت سموري دنيا ۾ مهاڻن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، سنڌ ۾ مهاڻا بنيادي سهولتن کان وانجهيل ۽ مٺي پاڻي جي ذخيرن تي قبضا برقرار آهن. گڊو ۾ مهاڻن جي عالمي ڏينهن تي فشر فوڪ فورم پاران مرڪزي وائيس چيئرمين محمد اسحاق ميراڻي، شير محمد، فقير محمد ۽ جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي گڊو بئراج وٽ سنڌو درياهه کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.ريلي ۾ شريڪ ماڻهن سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه لکين ملاحن جي روزي جو ذريعو آهي، سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪڍيا ويا ته لکين ملاح بيروزگار ٿي ويندا. جاتي جي سامونڊي پٽي تي رھندڙن ۽ سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار ڪندڙ مھاڻن کي عالمي ڏينهن جي ڪابه خبر ناهي ته سندن به ڪو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي ۽ نه ئي مهاڻن کي آگاهي ڏيڻ لاءِ سمنڊ ڪناري ڪو آگاهي پروگرام رکيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو