لاڙڪاڻو (ن س)شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پڳدار پٽ ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو آهي ته سندن درياهه سُڪي ويو آهي ۽ هو مٿان کان پاڻي کڻي چولستان کي ڏيندا، سنڌ کي اڳ ئي ضروت کان گهٽ پاڻي ڏنو پيو وڃي، هو چاهن ٿا ته هو بغير پاڻي جي رهن، جيڪو ممڪن ناهي.ذوالفقار ڀٽو جونيئر لاڙڪاڻي ۾ هندو ڌرم شالا پهچي واپاري سنجي ڪمار جي وارثن سان تعزيت ڪري هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو ته لاڙڪاڻي ۾ پيش آيل واقعي جا ڪيترائي ڪارڻ ٿا سگهن ٿا، هندو برادري سان ظلم ٿي رهيو آهي ڏينهون ڏينهن هندو ڀائر قتل ٿي رهيا آهن، هو ائين سمجهي ٿو ته هندو سندن خاندان جا فرد آهن جيڪي ماريا پيا وڃن. سندس چوڻ هو ته معاشري ۾ ايتري غربت آهي جو موبائل ۽ کائڻ لاءِ ماڻهن کي ماريو پيو وڃي. شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پڳدار پٽ چيو ته حڪمرانن آءِ ايم ايف سان سخت ڊيل ڪئي آهي، جنهن ڪري سرڪاري ادارا ختم ٿيندا پيا وڃن، ماڻهن کي صحيح تعليم اسڪول ۽ اسپتالون ناهن، حڪومت مٿان فرض آهي جيڪي قرض جي ڪري عوام جي خدمت نه ٿا ڪري سگهن، هاڻي ته هيٺيون طبقو به هن نظام مان تنگ ٿي چڪو آهي.
