سنوار جي موت غزه جنگ جي خاتمي جي شروعات آهي: نتنياهو

يروشلم (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس جي سربراهه يحيٰ سنوار جي موت غزه جنگ جي خاتمي جي شروعات آهي.اسرائيلي بچاءَ واري وزير يحيٰ سنوار سميت 4 حماس اڳواڻن جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل ڏينهن غزه ۾ هڪ عمارت تي بمباري ڪئي وئي هئي ان حوالي سان اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جو بيان به سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته حماس اڳواڻ يحيٰ سنور جي موت غزه جنگ جي خاتمي جي شروعات آهي. اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ نيتن ياهو چيو ته يحيٰ سنوار خميس ڏينهن رفح ۾ اسرائيلي فوج جي بهادر سپاهين هٿان مارجي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو