سنيل گواسڪر ڀارتي ٽيم جي ڪاميابي جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سنيل گواسڪر جو چوڻ آهي ته سوريا ڪمار ياديو جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ ڀارتي ٽيم مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي.ڀارتي ميڊيا موجب سنيل گواسڪر جو چوڻ آهي ته سوريا ڪمار ياديو گرائونڊ جي چوڌاري شاٽ کيڏندو آهي.ٽي 20 نمبر ون بيٽسمين جي تعريف ڪندي هن چيو ته سوريا ڪمار ياديو ڀارتي ٽيم جي سٺي مجموعي جو سبب آهي.سنيل گواسڪر جو چوڻ آهي ته سوريا ڪمار ياديو جي 61 رنسن کانسواءِ ڀارتي ٽيم ميلبورن ۾ 150 رنسون ٺاهي نه سگهي ها.هن جو چوڻ آهي ته KL راهول کي به ذميواري ڏيکارڻ گهرجي.اڳوڻي ڀارتي ڪپتان اهو به چيو ته ويرات ڪوهلي ۽ سوريا ڪمار ياديو هن وقت سٺي فارم ۾ آهن.واضح رهي ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڀارت جو اڄ خميس تي انگلينڊ سان مقابلو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو