’سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي بابت پ پ جو ٻٽو معيار آهي‘

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻي ظلم ۽ ناانصافين جي بازار گرم ۽ مهانگائي جا بم ڪيرائيندڙ حڪمران شام ۽ بنگلاديش جي صورتحال مان سبق سکن، ”تنگ آمد بجنگ آمد“ جيڪڏهن عوام ميدان ۾ نڪري پيو ته پوءِ ظالم حڪمرانن کي فرار ٿيڻ جو موقعو به ڪونه ملندو. سنڌ ۾ قابليت بدران سياسي ۽ پنهنجا نوازي جي بنيادن تي نااهل ماڻهن جي ڀرتين هر اداري کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي، سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن ۽ بربادي تعليم کاتي۾ آهي جيڪو سنڌ صوبي توڙي نوجوان نسل سان سراسر ظلم آهي. ڏهه سال گذري وڃڻ باوجود ڄامشورو کان سيوهڻ ڊبل روڊ نه ٺهڻ سنڌ حڪومت جي ڪرپشن توڙي ناهلي کي ثابت ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مرڪز اسلامي لاڙڪاڻي ۾ مقامي عهديدارن جي قسم کڻڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي واري مامري تي پ پ سرڪار جو ٻٽو معيار آهي هن کي احتجاج يا بيان بازي بدران ان کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ عملي ميدان ۾ اچڻ گهرجي. عوام سڀني پارٽين کي آزمايو آهي، پ پ 16 سالن کان لاڳيتو صوبي جي اقتدار تي مسلط آهي جنهن عوامي مينڊيٽ تي سوديبازي ڪري سنڌ جي وسيلن جي ڀيل ۽ پنهنجا ذاتي مفاد پورا ڪيا آهن. جماعت اسلامي جي ديانتدار قيادت ئي سنڌ کي خوشحال ۽ عوام جا مسئلا حل ڪري سگهي ٿي. جماعت اسلامي جي ميمبرشپ مُهم جاري آهي جيڪا 15 ڊسمبر تائين جاري رهندي. ان موقعي تي ضلعي امير ائڊوڪيٽ نادر علي کوسو، قاري ابوزبير جکرو، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عاشق ڌامراهه، مقامي امير رميز راجا شيخ پڻ خطاب ڪيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو