سنڌو درياءَ تي ٿيندڙ ظلم – سنڌ جي بقا لاءِ وڏو خطرو

بلاول پٺاڻ
14 مارچ تي دريائن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي جنهن جو مقصد دريائن جي فطري وهڪرن جي بحالي، ماحولياتي نظام جي تحفظ ۽ پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ آهي. افسوس جو سنڌو درياهه جيڪو سنڌ جي زندگيءَ جو سرچشمو آهي خطرناڪ منصوبن جو نشانو بڻيل آهي. تازو ئي سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن. جنهن جو بنيادي مقصد پنجاب جي چولستان واري ريگستاني علائقي کي آباد ڪرڻ آهي. هن منصوبي سان سنڌ جي زراعت، ماحوليات ۽ معيشت تي تباهيءَ جا ڪارا بادل ڇانئجي ويا آهن. سنڌو درياهه رڳو پاڻيءَ جو وهڪرو نه پر سنڌ جي ثقافت، زراعت، ۽ معيشت جو بنياد آهي. موهن جي دڙي جي تهذيب کان وٺي اڄ تائين سنڌو درياهه سنڌ واسين لاءِ جياپو رهيو آهي. هي اهو ئي درياهه آهي جنهن جي ڪپ تي سنڌ جي قديم شهرن ۽ ڳوٺن جنم ورتو. پر هاڻ جديد دور ۾ طاقتور ڌريون هن درياهه تي مسلسل حمله آور آهن. سنڌو درياهه تي ٺهيل وڏا ڊيم، پاڻيءَ جي ورڇ ۾ زيادتيون ۽ هاڻ نوان 6 ڪئنال سنڌ جي لاءِ موت جو پيغام آهن. پنجاب جي ريگستاني علائقي چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي جوڙيل منصوبي تحت سنڌو درياهه جو پاڻي پنجاب ڏانهن موڪليو ويندو جنهن سان سنڌ جي زمين بنجر ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي.
هن سموري صورتحال کي ڏسندي وزيراعظم ميان شهباز شريف پاران اعلانيل 9 ارب رپين جي صوابديدي فنڊ جو معاملو پڻ سامھون آيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف طرفان اعلان ڪيو ويو ته هي رقم بلاول ڀٽو زرداري جي صوابديد تي هوندي ۽ اهو بيان پڻ سامهون آيو آهي بلاول ڀٽو زرداري اهو فنڊ پنجاب ۾ جتي چاهي خرچ ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن فنڊ صوابديدي آهي ته پنجاب ۾ خرچ ڪرڻ جي ڳالھ ڇو ڪئي وئي آهي؟. پوء ته بلاول ڀٽو زرداري جي مرضي ته هو سنڌ ۾ خرچ ڪري يا ٻي پاسي. برحال اهو فنڊ ان موقعي تي ڏنو پيو وڃي جڏهن ڪئنالن خلاف سڄي سنڌ هڪ آواز بڻجي چڪي آهي ۽ چونڊيل نمائندن توڙي زرداري ليگ جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن. صوابديدي فنڊ وارو هي اعلان ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿو. ڇا هي رقم سنڌو درياهه جي سودي جو حصو ته نه آهي؟ ڇا سنڌ جي پاڻيءَ جي بدلي ۾ سياسي سوديبازي ته نه ٿي رهي آهي؟ جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداريءَ کي 9 ارب رپيا ڏنا ويا آهن ته ڇا انهيءَ جو ڪو لاڳاپو انهن 6 نون ڪئنالن جي منصوبي سان آهي جن ذريعي سنڌ جو پاڻي پنجاب ڏانهن موڪليو پيو وڃي؟
جيڪڏهن سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ وارو حڪومتي ناپاڪ منصوبو ڪامياب ٿي ويو ته سنڌ جي زراعت تي وڏو ڌڪ لڳندو ڇاڪاڻ ته هزارين ايڪڙ زمين جيڪا سنڌو جي پاڻيءَ تي پوکجي ٿي اها پاڻيءَ کان محروم ٿي ويندي. خاص طور تي بدين، ٺٽو، سجاول، ٽنڊو محمد خان، نوشهروفيروز ۽ ٻين ضلعن ۾ زرعي بحران پيدا ٿيندو. اڳ ۾ ئي پاڻيءَ جي کوٽ سبب سمنڊ سنڌ جي زمين ڳڙڪائي رهيو آهي. جيڪڏهن نوان ڪئنال ٺاهيا ويا ته سنڌوءَ ۾ پاڻي نه هجڻ سبب سمنڊ جو لوڻ وڌيڪ اڳتي وڌندو جنهن سان زراعت مڪمل طور ختم ٿي سگهي ٿي. سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن جي پيئڻ جو پاڻي سنڌو درياهه تي دارومدار رکي ٿو. جيڪڏهن درياهه ۾ پاڻي گهٽجي ويو ته سنڌ واسين لاءِ پاڻيءَ جو بحران پيدا ٿيندو. سنڌ جا هزارين ماهيگير پنهنجي گذر سفر لاءِ سنڌو درياهه تي ڀاڙين ٿا. جيڪڏهن پاڻي نه رهيو ته ماهيگيري جو ڪاروبار تباهه ٿي ويندو. درياهن جو فطري وهڪرو ماحوليات لاءِ انتهائي اهم هوندو آهي. سنڌو درياهه تي وڌيڪ مداخلت سان سنڌ جي موسم تي به خراب اثر پوندا. مينهن گهٽ پوندا ۽ موسم وڌيڪ خراب ٿي ويندي. سنڌو درياهه صرف پاڻي جو ذريعو نه پر سنڌي تهذيب جي سڃاڻپ آهي. جيڪڏهن درياهه سڪي ويو ته سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ به خطري ۾ پئجي ويندي.
سنڌو درياهه تي پاڻي ورڇ لاءِ 1991ع جو پاڻي ٺاهه موجود آهي جنهن تحت سنڌ کي پنهنجو حصو ملڻ گهرجي. پر بدقسمتيءَ سان ان ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪندي سنڌ جو پاڻي مسلسل روڪيو پيو وڃي. پاڪستان جي آئين موجب ڪنهن به صوبي جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻڻ غير قانوني آهي پر ان باوجود پنجاب کي سنڌوءَ جو پاڻي غير منصفاڻي نموني منتقل ڪيو پيو وڃي.
سنڌ جي عوام، سياسي قيادت ۽ سول سوسائٽي کي هن معاملي تي منظم ۽ گڏيل موقف اختيار ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي صحافين، ليکڪن ۽ سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽن کي هن ناانصافي خلاف مسلسل لکڻ ۽ ڳالهائڻ گهرجي. سنڌ حڪومت کي هن منصوبي خلاف عدالت ۾ وڃڻ گهرجي. سنڌ واسين کي هن مسئلي تي پرامن احتجاج، ڌرڻا ۽ ريليون ڪڍڻ گهرجن. سنڌ جي سياسي قيادت کي وفاقي حڪومت سان هن اهم مسئلي تي ڳالهائڻ گهرجي ۽ پنهنجا حق وٺڻ گهرجن. اڄ 14 مارچ جيڪو دريائن جو عالمي ڏينهن آهي سنڌ لاءِ سوال بڻيل آهي ته سنڌو بچندو يا نه؟ جيڪڏهن سنڌو درياهه تي ڌاڙو هڻي سنڌو سڪايو ويو ته پوءِ سنڌ جي بقا به خطري ۾ پئجي ويندي. اسان کي سنڌو جي بچاءَ لاءِ اڄ ئي عملي قدم کڻڻا پوندا نه ته ايندڙ نسل اسان کان سوال ڪندو ته جڏهن سنڌو تي ظلم ٿي رهيو هو ته تڏهن اوهان خاموش ڇو هئا؟

پهنجو تبصرو موڪليو