حيدرآباد: (ن س) پنجاب 77 سالن کان پنهنجي ڏاڍ جبر جي بنياد تي غيرقانوني طرح پاڻي کڻندو رهيو آھي. جنهن سبب سنڌ اندر تباهي ٿي وئي آھي سنڌ جي جر مان مٺو پاڻي ختم ٿي ويو آھي. سنڌ جي ٽنهي بئراجن تي مستقل جيڪو پاڻي ملڻ کپي اهو نٿو ڏنو ٿو وڃي. سنڌ کي هر سال 30 کان پنجاھ سيڪڙو پاڻي جي هٿرادو کوٽ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو پنجاب جواز ڄاڻائي ٿو تہ پاڻي جي کوٽ آھي ڇو تہ پنجاب 1945 جي ٺاھ کان وٺي اڄ تائين 91 جي پاڻي ٺاهه جي توهين ڪري ٿو. هو پنهنجي عددي اڪثريت ۽ عسڪري طاقت جي ذريعي پاڻي کڻي پيو. اهڙن خيالن جو اظهار جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو پنهنجي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. جسم چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته پاڻي قانون موجب سنڌ جو آھي پر گذريل 35 سالن کان جيڪو سنڌ پنجاب جي وچ تي معاهدو هيو سنڌ کي ان تحت به پاڻي نٿو ڏنو وڃي. ڪراچي کي وفاق طرفان الڳ پاڻي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هيو پر وفاق اسلام آباد کي ته پاڻي ڏي ٿو ڪراچي کي اهو پاڻي نٿو ملي،هن چيو ته سنڌ حڪومت جا پنهنجا انگ اکر آھن ته سنڌ کي حصي جو پاڻي نٿو ملي. پيپلزپارٽي جي سرڪار پنهنجي اقتدار کي ڊيگھہ ڏيڻ لاءَ سنڌ کي خطري ۾ وجهي رهي آھي پنجاب سنڌو درياھ مان 6 ڪئنال ڪڍي رهيو آھي.جنهن جو ڪم شروع ٿي ويو آھي پيپلزپارٽي جي قيادت اسلام آباد کي رڳو خط لکي پنهنجو فيس ويليو بچائڻ چاهي ٿي ته سي سي آءَ جو اجلاس گهرايو پر عملن اها زميني حقيقت ۽ ڪڙو سچ آھي ته فيڊريشن ۾ سڀني کان وڌيڪ پئسا سنڌ وجهي ٿي پر اهو ناڻو پنجاب ۾ غيرقانوني ٺهندڙ ڪئنالن تي خرچ ٿئي پيو سنڌ جا ماڻھون جن وٽ قدرتي وسيلا تيل گئس ڪوئلي جا ذخيرا آھن اهي پاڪستان ۾ بُک پيا مرن کاڌ خوراڪ ۽ صحت سميت معياري زندگي جون سهولتون ناهن پر جي چولستان چا بهار ۽ ٻيا غيرقانوني ڪئنال ڪڍي 45 کان 85 لک ايڪڙ زمين پنجاب جي زمين آباد ڪندو ته سنڌ ڀڙڀانگ ٿي ويندي ۽ سنڌ جا ماڻھون مستقل بک جو شڪار ٿي تباھ ٿي ويندا .جسم چيئرمين چيو ته جيئي سنڌ محاذ پاليسي ساز اداري جي ٻن ڏينهن واري هلندڙ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو آھي ته جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ ۽ ڏاڍ جي بنياد تي پاڻي ڦيرڻ خلاف رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگره تي سن ۾ قومي اجتماع ڪرڻ جو اعلان ڪريون ٿا ان قومي اجتماع ۾ سنڌ جي سڀني قومي ڌُرين کي دعوت ڏئي سن جي ميدان تي گڏ ڪنداسين ته جيئن ڪئنالن خلاف قومي بقا ترقي ۽ تعمير لاءِ پنهنجا وسيلا بچائڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪري سگهون اهڙي جدوجهد ڪيون جيئن سنڌ جي ماڻھن ون يونٽ واري جدوجهد ڪئي هئي ۽ متحد ٿي ڊاهيو هيو ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجهد ڪئي هئي ۽ ٻٽي بلدياتي نظام کي رد ڪيو هيو هن وقت به سنڌ دوست ڌُرين وٽ وينداسين ۽ دعوت عرض رکنداسين جيئن سائين جي ايم سيد جي سالگره جي ڏينهن تي گڏيل جدوجهد جو اعلان ڪريون. هن چيو ته اسان 15 ڊسمبر کان سڄاڳي مهم شروع ڪنداسين ۽ سڄي سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ گڏجاڻيون ڪنداسين.
نئون ڪوٽ ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا، موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا فوت،5 زخمي
عارف علوي کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم
صدر مدرسي واري بل تي آئيني مدو گذرڻ کان پوءِ اعتراض ڪيو،مولانا
سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ خلاف مزاحمت ڪنداسين: رياض چانڊيو
عبدالقادر شيخ پاران صحافي جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت،دعا
ڦليلي ٽانگا اسٽينڊ تي روڊ حادثي جي نتيجي ۾ معصوم نينگر فوت
توشه خانا ڪيس 2، پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي تي فرد جرم لاڳو
وزيرن جي غير حاضري، ڊپٽي اسپيڪر پاران ايوان نه هلائڻ جو اعلان
سنڌ جي 5 ضلعن جا ڊي سي ۽ اهم عهدن تي مقرر آفيسر تبديل
جيڪو فوج ۾ ناهي، ان تي فوج جا ضابطا ڪيئن ٿا لاڳو ڪري سگهجن؟
گڏيل قومن مان غزا ۾ فوري جنگ بندي جو ٺهراءَ منظور
پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان دنيا جو بهترين ملڪ آهي
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي برقرار، انڊيڪس هڪ لک 14 هزار جي حد پار
ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪرڻ ۾ پاڪ فوج جو اهم ڪردار آهي
جيڪب آباد واسي فوجي جوان دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد
لولائي شاخ وٽ مقابلو ، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار
سنڌڙيءَ ۾ گيس ليڪيج سبب سڙي زخمي ٿيل نوجوان فوت
بازئي فيصلو ڪالعدم، صاحب جو حڪم آيو ڪميشن ڪري ڇڏيو
صدر زرداري سان چيني واپاري وفد جي ملاقات،سيڙپڪاري بابت ڳالهيون
توشه خانه 2، ايف آءِ اي بشريٰ جي ضمانت رد ڪرائڻ ۾ ناڪام