ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌو درياءَ مان 6 ڪينال ڪڍڻ خلاف پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪيو، پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ خلاف لاڙڪاڻو، بدين، نوابشاهه، گهوٽڪي، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، نوشهروفيروز، بدين، ٿرپارڪر ۽ ڄامشورو سميت وڏن ۽ ننڍن شهرن ۾ مظاهرا ڪيا،ضلعي قيادت ۽ اسيمبلي ميمبرن پڻ پيپلز پارٽي پاران منعقد ڪيل احتجاج ۾ حصو ورتو
