ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي کوٽ 25 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. انچارج ڪنٽرول روم جو چوڻ آهي ته 2022ع ۾ سنڌو درياءَ ۾ 40 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ هئي، سکر بيراج تي 25 سالن ۾ وڌ کان وڌ 53 سيڪڙو پاڻي گهٽ رهيو.سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي کوٽ 52 سيڪڙو ٿي چڪي آهي، بيراج تي رڪارڊ پاڻي جي کوٽ 69 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، گڊو ۽ سکر بيراج تي پاڻ جي سطح ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين گهٽتائي ٿي آهي.انچارج ڪنٽرول روم چيو آهي ته سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي ايتري کوٽ اڳ ڪڏهن به ناهي ڏٺي، پاڻي ايترو گهٽ آهي جو شاخن ۾ ڇڏڻ جو نظام به هيٺ مٿي ٿي ويو آهي.گڊو بيراج تي پاڻي جي سطح 20 هزار ۽ سکر بيراج تي 15 هزار ڪيوسڪ رهجي وئي آهي، سکر، دادو ڪينال ۾ پاڻِ ختم ٿي ويو آهي. جڏهن ته بيگاري ڪينال ۾ هر طرف زمين خشڪ نظر اچي رهي آهي.
