سنڌو درياءَ 7 ڪروڙ سنڌين جي جياپي جو ذريعو آهي: مگسي

حيدرآباد (ن س) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ جي اندر هٿ وٺي مختلف اشو ٺاهي اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن وقت سنڌو جو پاڻي چورائڻ لاء مختلف ڪئنال ۽ ڊيم ٺاهڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جنهن تان ڌيان هٽرائڻ لاءِ هٿڙادو مسئلا پيدا ڪيا پيا وڃن ته جئين سنڌ جو عوام جي اعتراض ۽ احتجاج کي ماٺو ڪري سگهجي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اها حڪمرانن جي ڀُل آهي ته هو سنڌي قوم کي بيوقوف بڻائي ان کان جياپي جو ذريعو سنڌو درياءَ کسي وٺندا. سنڌو درياءَ 7 ڪروڙ سنڌين جي جياپي جو ذريعو آهي ان کي سڪائڻ جو مطلب 7 ڪروڙ سنڌين جو قتل ٿيندو. اهڙي ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو ۽ ڀرپور مقابلو ڪيو ويندو.اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو الهيار ۽ ضلع ميرپورخاص جي ضلع عهدايدرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو سنڌ خلاف ٿيندڙ سمورين سازشن ۽ دوکن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ متحرڪ ۽ مضبوط سياسي پارٽي جي گهرج آهي جيڪا گهرج ايس ٽي پي پوري ڪري سگهي ٿي. ان ڪري ايس ٽي پي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي عوام سان سڌو رابطي ۾ رهڻ گهرجي. انهي لاءِ سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ترقي پسند ھائوسن جي قيام عمل کي يقيني بڻايو پيو وڃي. جيڪي عوام جي ڏک ۽ سک جو سهارو بڻيل هوندا. اجلاس ۾ ضلعن اندر ميمبر شپ مهم هلائڻ سميت مختلف تنظيمي ۽ سياسي فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ ايس ٽي پي جي جنرل سيڪريٽري هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، قادر چنا، مالڪ دائيداڻو، ڪريم ڪيريو سميت مختلف اڳواڻن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو