سنڌو درياهه لاءِ وڪيل برادري جو تاريخي ڪردار

پير توقير احمد سرھندي
تازو جهڙي طرح سنڌ جي وڪيل برادري سنڌ جي وجود ۽ بقاء لاءِ حيدرآباد کان ڪراچي پريس ڪلب تائين جو سفر اختيار ڪندي قومي ٻڌي ۽ يڪجھتي جو لازوال مثال قائم ڪري ڏيکاريو آهي جنهن کان پوءِ پوري سنڌ جي اندر سمورا سرڪاري توڙي نجي ملازم ۽ انهن جون تنظيمون سپلا، گسٽا، پ ٽ الف ،آپڪا، ڊاڪٽرس فورم سميت ٻين تنظيمن سان گڏ ساڃاه وند طبقا اٿي کڙو ٿي سنڌ جي وحدت وجود ۽ بقاء کي بچائڻ لاءِ منظم انداز ۾ قابل قدر احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، سنڌ جي وڪيلن توڙي قومي ڪارڪنن سورهيه بادشاهه جي اولاد پير سائين پاڳاري کي پڻ اپيل ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي حر جماعت جنهن هميشه سنڌ جي دفاع لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌو درياهه مٿان ڪئنالن جي رد ڪرڻ لاءِ اثرائتي جدوجهد تحريڪ جو اعلان ڪري پنهنجي وڏڙن آزادي يا موت ۽ وطن يا ڪفن جي نعري ۾ جان وڌي وڃي ته حرام شوم غدار وطن هڪ ئي پهرين ڌڪ ۾ لوڙهي ويندا، سنڌ جي سوڀاري قيادت پير سائين پاڳاري ئي ڪري سگهي ٿو. سنڌ جي وجود کي برقرار رکڻ لاءِ ته پوءِ مسخرا پاڻ ئي ڊرامي جي ريهرسل ڪرڻ بند ڪري جند ڇڏائيندا. پاڪستان اسان جو پيارو ملڪ آهي انھي ملڪ جي هڪ حصي پنجاب جي ٿر جهڙي علائقي چولستان کي سر سبز ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه جي سنڌ واري پاڻي مٿان ڌاڙو لڳائي آباد ڪرڻ سراسر غير غير شريعي، غير قانوني دادا گيري واري احمڪانه حرڪت آهي نه صرف هي ملڪ جي خلاف گهيري سازش آهي بلڪ هي ڪهڙي ملڪي حڪمرانن جي پاليسي آهي ته هڪ وڏي صوبي پنجاب کي آباد ڪرڻ لاءِ ننڍي صوبي سنڌ جي پاڻيءَ جي حصي کي پنهنجي مرضي سان ارسا، وزير اعظم شهباز شريف، پنجاب جي وزير اعلي مريم نواز شريف پنجاب کي سرسبز شاداب ڪرڻ جي ڳالهه ڪري چولستان جي غير آباد لکين ايڪڙ زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جيڪا پوري پاڪستان کي تيل، گيس، پئٽرول، ڪوئلو، بندر گاهه ۽ ٻين قدرتي وسيلن ذريعي خوشحال ڪري پنهنجي سنڌ جي حصي کان به وڌيڪ معدنيات ڏيئي پالي رهي آهي پوء به سنڌ جي 7 ڪروڙ سنڌي قوم جي جياپي جو واحد ذريعو سنڌو درياهه جي پاڻيءَ مٿان ڌاڙو ڪيئن قبول ڪري سگهجي ٿو، سنڌ جون سموريون سياسي پارٽيون، قومپرست ڌريون ، مذهبي جماعتون هر هڪ مڪتبه فڪر ايتري تائين جو هاڻي جمعي جي نماز ۾ خطبي دوران غيرت مند امام مسجد وارا به سنڌ جي پاڻيءَ مٿان ناجائز ،غير قانوني، غير شريعي پاڻيءَ جي چوري ۽ ڌاڙي خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن، ياد ڪيو وڃي نه صرف سنڌ جي زمينن آبادڪاري جو مسئلو آهي پر پوري سنڌي قوم جي نلڪن واٽر پمپ جي جر جي پاڻيءَ جو مسئلو پڻ آهي جيڪڏهن الله پاڪ سنڌ کي هزارين سالن کان صدين کان پاڻيءَ جي نعمت ڏني آهي ته ڪير ٿيندا آهن 47 ڪوڙن من گهڙت فارم حاصل ڪرڻ وارا نام نهاد حڪمران جيڪي زور زبردستي ڏاڍ داداگيري جي ذريعي سنڌ جي وجود کي ميسارڻ لاءِ ڪروڙين سنڌ واسين جي پاڻيءَ مٿان وار ڪري سنڌ جي سرزمين کي ڏڪار سوڪڙي ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. سنڌ آهي ته پاڪستان آهي جيڪڏهن وري پاڪستان آهي ته سنڌ به آهي پر هي غير قانوني آيل وقت جي حڪمرانن جي ڀل ۽ عظيم غلطي آهي جو اهي سنڌ جي وسيلن بعد آخري سهاري سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي بند ٻڌي غير قانوني طور تي چولستان کي آباد ڪري سنڌ جهڙي سرسبز زمينن کي ويران برباد ڪرڻ چاهين ٿا. چولستان کي آباد ڪندڙ حڪمرانن کي گهرجي ته ستلج ۽ بياس ڇو انڊيا کي وڪرو ڪري ڏنا ويا هئا ۽ ڪوٽڙي بئراج کي معاهدي مطابق پاڻيءَ ڏيڻ تان به ارسا وارا ڦري وڃي سنڌ جي پاڻيءَ کي پنهنجي حصي جو به پاڻي نه ڏيئي آڳ ۾ معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي وئي آهي، سنڌ ڀلا گدڙن کائيندي آهي ڇا؟، بابا وطن جي حب ڌرتي سان محبت دين جي تعليمات جو حصو آهي، اسان ڪا نئين ڳالهه نٿا ڪريون بلڪ پنهنجي ڌرتيءَ سنڌ جي اصولي موقف تي آهيون ته ملڪي پاڻيءَ جي معاهدي موجب جن جن جو جيترو جيترو حصو آهي اهو سنڌ کي پاڻي ڏنو وڃي، ڪنهن توهان چيو ته توهان ستلج ۽ بياس هندستان کي وڪرو ڪري پاڻي پنهنجو ڏيو، هاڻي به اقتدار اعلي پنهنجي عقل سمجهه دانائي ڏاهپ مان ڪم وٺي جيڪڏهن ڪجهه سياسي مسخرا يا ڪرپٽ ڪامورن جي هٽ ڌرمي سبب خدا نه ڪري سنڌي قوم پنهنجي پاڻيءَ جي معاملي تي هڪ هڪاڻي تي لهي پئي ته پوءِ ڇا ٿيندو انهي جو اندازو ڪيئن ڪير سگهي ٿو، ڇو جو پهريان به سنڌي قوم ڪالا باغ ڊيم، ٿل ڪئنال، پاشا ڊيم ۽ سنڌ جي پاڻيءَ مٿان وار ڪرڻ وارن غير قانوني ڊيمن جي سياسي جدوجهد تاريخ جو هڪ ڪڙو سچ ۽ اٽل حقيقت حڪمرانن جي سامهون آهي، سنڌو دريا جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش شريعت جي خلاف آهي، تحفظِ مقام مصطفي ﷺ ڪانفرنس گولارچي ۾ جانشین حضور شمس الفقهاء جان اهلسنت مرڪزي جماعت اهلسنت سنڌ جي صوبائي امير قبله سائين مفتي محمد جان نعيمي اتي ڳالهائيندي ڪيون، هن واضع طور تي سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي وار ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي پاڻيءَ جي چوري قبول نٿا ڪري سگهون، فوري طور تي 6 ڪئنال جي رد ٿيڻ جو حڪمران اعلان ڪري سنڌي قوم ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪئي وڃي، مرڪزي جماعت اهلسنت سنڌ جي صوبائي صدر مفتي محمد جان نعيمي چيو ته سنڌو درياهه جي مٿان ڪي به ڪئنال نامنظور ۽ رد ڪريون ٿا ، سنڌ جي دريا مٿان ڪئنال ٺاهڻ سنڌ جي وجود مٿان وار سمجهون ٿا، سنڌ سڪائڻ جي ڪنهن کي به اجازت نٿي ڏيئي سگهجي، سنڌ جي ڌرتيءَ هميشه پنهنجي وس کان وڌيڪ ٻين صوبن جي عوام جي هر طرح سان سگهاري پالڻا ڪئي آهي، گئس، پئٽرول، ڪوئلي سميت مختلف معدنيات سان سنڌ ملڪ جي ٻين صوبن کي مالدار ڪيو آهي، هاڻي جيڪڏهن سنڌ جي جياپي وجود ۽ بقاء تي سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته يارسول الله صلي الله عليه وسلم پڪارڻ وارا لکين ڪروڙين عاشقان رسول ﷺ سراپا احتجاج بڻجي ويندا، هاڻي ته هر ماڻهو جو اهو چوڻ آهي ته اچو ته سنڌ جي وارثو، پنهنجو حق وٺڻ لاءِ ميدان ۾ لهي پئون! وقت جو يزيد، جيڪو اقتدار جي نشي ۾ مست آهي، اسان جي ڌرتيءَ کي سڪائڻ جا منصوبا جوڙي رهيو آهي. اسان جي نديون، اسان جي زمينون، اسان جا واهه، اسان جا چشما، سڀ ڪجهه ختم ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي. پر ياد رکو ! سنڌ فقط زمين جو ٽڪرو ناهي، اها اسان جي ماءُ آهي، ۽ ماءُ جو ساھ نپوڙڻ ڏينداسين ڇا ؟ حضرت امام حسين رضي الله عنہ جو فرمان آهي، “هر مظلوم جي حمايت ڪريو ۽ هر دور جي يزيد جي مخالفت ڪريو.” اسان جي جنگ ڪنهن هڪ ظالم سان ناهي، پر هر ان شخص سان آهي، جيڪو يزيدي سوچ رکي ٿو، جيڪو حق تي ڌاڙو هڻي ٿو، جيڪو مظلومن جو خون چوسي ٿو! هي جنگ فقط هڪ فرد يا ڪنهن هڪ ڌر جي ناھي بلڪ پوري قوم جي ڳالهه آهي ته ڪنهن به صورت ۾ ڪو به ڪئنال سنڌو درياهه مٿان قبول ناهي. ڪراچي جي سياسي قلابازين هڻندڙن کي به اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته هو هونئن ته هر ڳالهه تي همارا مينڊيٽ، مينڊيٽ جون ڳالهيون ڪندا آهن پر هاڻي سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جي ڌاڙي تي خاموشي ڪري ويٺا آهن، اها انهن جي خاموشي ظاهر آهي ڄڻ ته پنهنجي ڌرتي سنڌ سان لاتعلقي جو اظهار ڪري پئي ، متحده جي ڪجهه دانش رکندڙ حلقن کي سنڌ جي پاڻي مٿان غير قانوني غير شريعي ڌاڙي تي پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان جيان چٿو ڪليئر موقف اختيار ڪري ميدان عمل ۾ سنڌي قوم سان ٻانهن ٻيلي ٿيڻ گهرجي باقي تيري ميري سياست ۾ سنڌ سان ٻه اکيائي کي سنڌي قوم سمجهي وئي آهي، سموري سنڌ ڪراچي کان ڪشمور تائين اسان جي وجود جو ساھ سنڌو درياهه جو پاڻي آهي، جيڪڏهن پاڻي نه رهيو ته سنڌ نه رهندي، سنڌ نه رهي ته اسان سنڌي اردو ڳالهائيندڙ نه رهنداسين. ان ڪري اسان سڀ پنهنجي هن معاملي تي ننڊ ۽ خاموشي کي وڏو عظيم جرم ۽ ڏوهه سمجهون ٿا،حسيني فوج جو حصو بڻجو، يزيديت خلاف آواز اٿاريو، سنڌ جي بقا لاءِ ميدان ۾ اچو، ڇو ته هن وقت حسيني جنگ جاري آهي، جيڪڏهن هاڻي به نه اٿياسين ته اسانجو ايندڙ نسل پاڻيءَ جي ڍُڪَ لاءِ سِڪندو ۽ سڀ ڪجهه بنجر ٿي ويندو. سنڌ جي 19 ضلعن ۾ هاڻي ئي پاڻي جو شديد بحران حڪومت پاران ڊڪليئر ڪيو ويو آهي، سنڌ صوبي ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو ، آبپاشي کاتي پاڻي کوٽ پنجاهه سيڪڙو کان به وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو، آبپاشي کاتي چيف انجنيئرز کي وارا بنديءَ جو پلان ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪراچي جي سمورن ضلعن، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، دادو، خيرپور ميرس ۾ ڏڪار واري صورتحال جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، سنڌ جي عظيم ليکڪ ۽ دانشور نصير ميمڻ مطابق ته مون ڪجھ ڏينھن کان پاڻيءَ جي وهڪرن جي ڊيٽا جو ڇيد ڪندي لکيو پئي تَ سنڌ شديد سوڪهڙي جي منهن ۾ پئي وڃي. اڄ آبپاشي کاتي باقاعدي اعلان ڪيو آهي ت تربيلا ۽ منگلا ڊيمن ۾ وڃي ڪجھ ڏينهن جيترو پاڻي بچيو آهي. ان کان پوءِ ڊيم خالي ٿي ويندا ۽ سنڌ ۾ بئراجن تي پاڻيءَ جي 50 سيڪڙو تائين کوٽ ٿيندي.ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، دادو، سکر، جيڪب آباد، گهوٽڪي، خيرپور، شهيد بينظير آباد، نوشهروفيروز، لاڙڪاڻو ۽ ٿر ۾ سوڪهڙي واري صورتحال ٿيندي. اهڙي طرح ڏهاڪو سال اڳ اڳوڻي صوبائي وزير عرفان الله مروت پنهجي گهر تي هڪ دعوت رکي هئي جتي هاڻوڪي پ پ پ سرڪار جو موجوده هڪ وزير هڪ ايم پي اي کان سواء نالي وارو صحافي رفيق ڀٽو پڻ گڏ هيا اتي عرفان مروت ماضي جا قصا ٻڌايا هئا انهن ۾ هڪ اهم ڳالهه اها به ٻڌائي هئي ته اڳوڻو صدر پرويز مشرف ڪالاباغ ڊيم تي سنڌ جي حمايت لاء وزير اعلي سنڌ ارباب رحيم کي اسلام آباد طلب ڪيو هيو، ارباب رحيم ڪجهه صوبائي وزيرن کي گڏ هلڻ لاء چيو هيو پر وزيرن کيس جواب ڏنو پوء اسان گڏ اسلام آباد وياسين، ارباب رحيم مونکي چيو ته مونکي ڏاڍو ڊپ ٿو ٿئي مشرف آڏو انڪار ڪرڻ تي ته مان کيس چيو ته توهان ڇا سوچيو آهي ته ارباب صاحب چيو ته استعفي لکي کڻي آيو آهيان، بهرحال صبح جو ايون صدر مشرف آڏو پيش ٿياسين، مشرف چيو ارباب صاحب ڪالاباغ ڊيم جي حمايت تون اعلان ڪر ته ارباب صاحب مون ڏي نهاريو ته مان ڳالهائڻ شروع ڪيو ته شيخ رشيد ٽپ ڏئي چيو ته آپ کيون بول رهي هو ارباب کو بولني دو، عرفان مروت ڇيو ته مان مشرف کي چيو ته جنرل صاحب شيخ رشيد جو مثال ان ڳوٺ جي (ڀانڊ) مڱڻهار وانگر آهي جيڪو وڏيري کي ٽيڪرون ڏئي جهيڙا ڪرائيندو آهي، هن جي ڏٽن تي نه لڳجو ارباب رحيم استفا ڏئي رهيو آهي، مان به واپس ڪراچي وڃي نه سگهندس، جنهن تي مشرف کلي ارباب کي چيو آپ جا سکتے هين، ارباب رحيم سان لک اختلاف پر ارباب مڙس ٿي بيٺو ٻئي پاسي مراد شاه جو ڪردار اڄ شيخ رشيد وارو پيو لڳي، جي ارباب غلام رحيم وزير اعلي هجي هان ته وفاق هڪ سئو سو دفعا ڪينال ڪڍڻ لاء سوچي ها پر مراد علي شاھ ۽ پ پ حڪومت ته رهندو ڌرڻي وارن تي به تشدد پئي ڪرائي ۽ انهن سنڌ جي پاڻيءَ مٿان ڌاڙي تي حڪمرانن جو وات زبان بند پيل مجرماڻي خاموشي ظاهر پيا ڪن، جڏهن ته پوري قوم جو چوڻ آهي ته سنڌو مٿان ڪئنال ڪڏهن به ڪونه ٺھڻ ڏينداسين، پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو جي سربراهه جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو سنڌ جي عظيم درسگاهن سنڌ، مهراڻ، لياقت يونيورسٽي جي هزارين شاگردن جو سنڌو درياهه جي پاڻيءَ لاءِ نڪتل احتجاج ڪرڻ تي گرفتارين ۽ تشدد ڪرڻ واري عمل تي اتي سنڌ يونيورسٽي پهچي انهن سان عيادت ڪرڻ جي موقعي تي چوڻ ته جيڪڏهن اسان اڃَ بک بدحالي ۾ مري به وياسين ته لاش اسلام آباد وارن کي احتجاج طور موڪلينداسين اسان جي معصوم شاگردن تي لٺيون وسائيندڙن کي سنڌ جو اولاد نٿا سمجھون. سنڌ پوليس کي گھرجي ته اسلام آباد وارن کي لٺيون ھڻن جن سندن وطن سنڌ جو پاڻي سڪائڻ جي رٿا انهن ٺاھي آھي. معصوم شاگرد اوھان جي پاڻي لاء احتجاج پيا ڪن اوھان انھن کي لٺيون ھنيون آهن شرم ڪيو، اسان صرف اھو ٿا چاھيون ته اسان جو پاڻي نه چورايو وڃي جيڪو اسان جو حق آھي خدا جي طرفان اسان کي مليل آھي. انهيءَ مٿان ڪو به ڪئنال قبول نه ڪنداسين، اسان چاھيون ٿا ته خدا جي واسطي اسان کي جيئڻ ڏيو اسان جيئڻ چاھيون ٿا، ان ڏينهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ۾ ساڳئي باقائدا جرئت ۽ بهادري جي تصوير شهيد مير مرتضي ڀٽو واري جهلڪ نظر آئي، شهيد مير مرتضي ڀٽو جو دلير پٽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سنڌيونيورسٽي ڄامشورو پهتو جتي هن ڪئنال خلاف نڪرندڙ ريليء دوران پوليس جي لاٺي چارج ۾ زخمي شاگردن سان مليو عيادت ڪئي,هن چيو سنڌو مان ڇھ غيرقانوني ڪئنال سنڌ جي عوام کي منظور ناهن,اسان ڪئنال خلاف آھيون اگر مري به وياسين ته پنهنجو لاش احتجاج طور اسلام آباد ڏانهن موڪلينداسين، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو چوڻ هيو ته مان ڪنهن وڏيري لاء نه پر سنڌ جي غريب ماڻهن لاء آواز اٿاريندس، ڪئنالن خلاف پنهنجي جدوجهد آخري گهڙي تائين جاري رهندي، اهڙي طرح سنڌو درياهه جي پاڻيءَ مٿان ناجائز غير قانوني طور تي اڏجندڙ 6 ڪئنالن جي خلاف هر طبقي، هر مڪتبه فڪر، ساڃاهه وند ڌريون، قومپرست تنظيمن جا هزارين لکين ڪارڪن ورڪر شهر شهر وستي وستي نگر نگر اهو وچن ورجائي رهيا آهن ته سنڌو درياهه مٿان ڪي به ڪئنال نامنظور آهن. هن وقت ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته پوري سنڌ مٿان جيڪا شديد نفرت ڀري فضاء آواز پڙاڏو گونجي رهيو آهي ته اهو هي ئي آهي ته سنڌ جي پاڻيءَ مٿان ڌاڙو نامنظور، نامنظور نامنظور جي للڪار گونج پڙاڏي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته يقينا سنڌ پاڪستان خوشحال ترقي جي راهه تي گامزن رهي سگهن ٿا پر جيڪڏهن ڪو سنڌ جي ترقي خوشحالي ۾ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ مٿان ڪئنال ٺاهي ظلم زيادتي، ڏاڍ، زبردستي ڪري ويران ۽ غير آباد هڪ حصي چولستان کي آباد سرسبز ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پاڻيءَ کي روڪي سياسي شطرنج راند جو کلاڙي رانديگر بڻجڻ چاهي ٿو ته شايد اها انهن جي عظيم سياسي غلطي ۽ تاريخ جو ڪڙو سچ انهن جي سموري تاريخ جو ڀيانڪ خاتمو بڻجي سگهي ٿو. سنڌ جي پاڻيءَ مٿان ارغونن، ترخانن به اهڙو ڌاڙو نه هنيو پر موجوده حالتن ۾ سنڌ جي جياپي وجود ۽ بقاء تي وار سمجهه کان ٻاهر آهي. سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو سنڌو درياهه ئي آهي جنهن تي سنڌ جون زمينون آباد ٿين ٿيون، سنڌ جي معاشي خوشحالي جو اهم سبب ئي سنڌو درياهه آهي، جنھن سنڌو درياهه بادشاهه جي ڇولين وهڪري کي روڪڻ کي پوري سنڌي قوم دنيا جو وڏي ۾ وڏو گناهه، جرم ۽ ڏوهه سمجهي ٿي. اسان جي سنڌو درياهه مٿان هلان ڪرڻ ڪو عمل بند ڪريو نه ته هر شهر ڳوٺ وستي واهڻ نگر نگر مان اها گونج، آواز ۽ پڙاڏو اٿندو جاڳيا، جاڳيا ڌرتيءَ جا وارث جاڳيا. پوءِ آواز اسان جي کي ديوار ڇا روڪيندي…….! سنڌ جي دانشور طبقي جو هن وقت قومي فرض آهي ته اهي پنهنجي قلم ذريعي سنڌ جي مالڪي ڪن ۽ جيڪي حڪومتي قلم فروش آهن انهن کي سنڌ ڌرتي ڪڏهن به موجوده حالتن ۾ معاف نه ڪندي. سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا پاڻ ملهائي رهي آهي. جنهن کي جس ڏيون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو