سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف مختلف ڌرين جا مظاهرا

ڪراچي(نمائندن وٽان)سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف سياسي سماجي تنظيمن ۽ وڪيلن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. نوابشاهه ۾ بار ايسوسيئيشن پاران عدالتي ڪارروائين بائيڪاٽ ڪري بار کان ڪيفي شيراز چوڪ تائين وڪيل اڳواڻ علي رضا چني، مختيار رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي.سکر ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن ايڊووڪيٽ ظهير محمد بابر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڊسٽرڪٽ بار کان ريلي ڪڍي. لاڙڪاڻي ۾ هاءِ ڪورٽ ايسوسيئيشن پاران نون ڪئنالن،، 26 هين آئيني ترميم ۽ پيڪا ايڪٽ خلاف صدر اطهر عباسي سولنگي، نور الدين مهيسر، جاويد گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ماتلي ۾ به وڪيلن سول ڪورٽ ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڪورٽ جي مين گيٽ آڏو وڪيل زاهد حسين چڍڙ، فياض آرائين، مير خادم ٽالپر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. حيدرآباد ۾ سنڌ لا ڪاليج جي شاگردن لا ڪاليج کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. بدين ۾ موٽرسائيڪل ايسوسيئيشن طرفان مهراڻ چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. محرابپور ۾ مختلف سياسي سماجي ۽ قومپرست جماعتن پاران استاد غلام اڪبر خواجا، مولانا حيدر عامر، عابد حسين سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حسيني مسجد کان لوڌي چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ڪوٽڏيجي ۾ نوجوانن طرفان مصور علي هاليپوٽو، دلشاد سولنگي، ڪامران سوهو، امداد سوهو، شاهد رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. جاتي ۾ زميندار ايڪشن فورم جي سڏ تي عادل لغاري، قادر لوهار، سيد وفا غلام حسين شاهه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو. سجاول ۾ شيرا طارق ڀٽو، بشير ڀٽو، اميد بوزدار، اعجاز دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عرضي ڀٽو شهر کان ريلي ڪڍي مين رتوديرو خضدار موٽر وي تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي. مانجهند ۾ يوسي منظور آباد جي بوائز ايليمينٽري اسڪول شجاع محمد کوسو جي شاگردن ۽ استادن اسلم ڇڇر، قمر الزمان ڪوريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. قمبر ۾ جناح باغ لائبريري ۾ پڙهندڙ شاگردن لائبريري کان پريس ڪلب تائين ڪامران چنو، جميل چاچڙ، اعجاز مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. پڊعيدن شاگردن پاران اسپتال روڊ تي ارسالن سيال، فياض سومرو، عتيق سيال، عبدالرئوف مجيداڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. دولتپورصفن ۾ بوائز هاءِ اسڪول جي شاگردن هاءِ اسڪول کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو. فريد آباد ۾ شيعا علماءَ ڪائونسل پاران مولانا صابر حسين الحسيني، مولانا مشتاق احمد چانڊيو، غازي خان چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. کور واهه ۾ پ ٽ الف جي سڏ تي شاگردن استادن ۽ شهرين گسٽا اڳواڻ محسن مخدوم، لکا ڏنو ٻاڪڙ، جبار سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان جي ايم سيد چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي. ٻانڌي ۾ ايس ٽي پي اسٽوڊنٽ فيڊريشن پاران هائر سيڪنڊري اسڪول کان پريس ڪلب تائين سليمان، سينگار ۽ عامر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيوفيض گنج ۾ قومپرست تنظيم جي ڪارڪنن مهراڻ هاءِ وي پڪا چانگ باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري نعريبازي ڪئي. گولاڙچي ۾ بچل واٽر جي نوجوانن پاران امجد شاهه، رحيم پنهور، جاويد سمون، علي محمد شاهه، اياز شاهه ۽ ساجد شاهه جي اڳواڻي ۾ بچل واٽر کان گولاڙچي پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو. ميرپورماٿيلي ۾ پيسٽي سائيڊ ايسوسيئيشن پاران ريلي ڪڍي وئي، جيڪا باءِ پاس ۽ شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پرس ڪلب پهتي، جتي اڳواڻن ڪئنالن خلاف نعريبازي ڪئي. وارهه ۾ پيسٽي سائيڊ جي اڳواڻن ۽ هارين عبدالحڪيم ٻگهيو، اصغر بروهي، حبيب پتوجو، اسلم چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. ميهڙ ۾ سبزي فروٽ يونين جي سڏ تي پورهيتن ۽ شهرين پاران اربيلو ڪلهوڙو، نثار ميمڻ، فراز چني، آزاد چني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي گهنٽاگهر چوڪ تي پهتي. شهدادڪوٽ ۾ ايس يو پي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڳڙهي خيرو روڊ تي سنجر ڀٽي پوليس چوڪي وٽ حمل خشڪ، نادر ڀرڳڙي، حاڪم خان مستوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو. چوهڙ جمالي ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران ڪارڪنن جي گمشدگي ۽ ڪئنالن خلاف رحيم بخش جمالي، سيد امجد شاهه، فريد کٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. قمبر ۾ ڳوٺ صاحب خان ڳورڙ جي رهواسين اظهر ڳورڙ، غلام حيدر ڳورڙ، وزير مغيري، سجاد هليو، صابر بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ کان پرس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪيو. پيرونمل ۾ شهرين ۽ سول سوسائٽي پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو