سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف هڙتال، ڪاروباري مرڪز بند

حيدرآباد: (ن س) ايس ٽي پي پاران سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري وفاق جي فيصلي خلاف اڄ سڄي سنڌ ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي.حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ شٽربند هڙتال سبب اهم ڪاروباري مرڪز بند آهن. ايس ٽي پي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي پاران عوام کي اپيل ڪئي وئي هئي ته اڄوڪي ڏينهن تي پنهنجو سمورو ڪاروبار، بازارون، مارڪيٽون بند ڪري شٽر بند هڙتال ڪئي وڃي. هڙتال سبب حيدرآباد جا اهم ڪاروباري مرڪز بند آهن. جن ۾ قاسم آباد، نسيم نگر، ڀٽائي ٽائون، ماروي ٽائون، وحدت ڪالوني، حسين آباد ۽ لطيف آباد جي ڪجهه علائقن ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي. شهري علائقن ٽنڊو ولي محمد، ٽنڊو آغا، هير آباد، هالا ناڪه، نيو سبزي منڊي وارن علائقن ۾ به ڪاروبار بند ڪيو ويو آهي. انهي کان علاوه فتح چوڪ، فقير جو پڙ، گول بلڊنگ، سائيٽ ايريا وارن علائقن ۾ به شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي.سڪرنڊ ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي سنڌو درياءَ مٿان 6 ڪئنال اڏڻ خلاف شهر جا مک ڪاروباري علائقا، نوابشاهه روڊ، محرابپور روڊ، سونارا بازا، شاهي بازار، قاضي احمد روڊ، نوابشاهه موڙ سميت سموريون مارڪيٽون مڪمل طور تي بند آهن جڏهن ته شهر جون مک مارڪيٽون به بند آهن.دوڙ شهر ۾ به مڪمل طور تي شٽربند هڙتال رهي هڙتال سبب شهر جون مک بازارون، شاهي بازار، مورو روڊ بازار، جمالي روڊ بازار، ڇوٽڪي گهٽي، علوي مارڪيٽ سميت سموريون بازارون مڪمل طور تي بند رهيون. ايس ٽي پي ڪارڪنن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪندي وفاقي حڪومت کان گهر ڪئي ته سنڌو درياهه مٿان ڪئنال اڏڻ وارو فيصلو واپس وٺي انهي ۾ ئي ملڪ جي بقا ۽ سلامتي آهي.مٽياري ضلعي جي به ننڍن وڏن شهرن ۾ ايس ٽي پي جي اعلانيل سڏ تي مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي جنهن سبب ڪاروباري سرگرميون معطل رهيون. ايس ٽي پي جي ڪارڪنن صبح جو سوير روڊن تي اچي سمورا ڪاروباري مرڪز بند ڪرائي ڇڏيا، مٽياري شهر جي مين اسٽاپ چاندڪي چوڪ، سونارا بازار، ننڍي بازار، الله ڏنو اسٽاپ، پلجاڻي اسٽاپ، ٺارو شاهه روڊ بازار مين اسٽاپ مارڪيٽ سميت ٻيون بازارون مڪمل طور تي بند رهيون.بدين ۾ به سنڌو درياءُ تي ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي. بدين جي واپارين سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ کي موٽ ڏيندي شهر جا مرڪزي ڪاروبار بند ڪري شٽربند هڙتال کي ڪامياب بڻائي ڇڏيو آهي. شهر جا ڪاروباري مرڪز شاهي بازار، ڪپڙا مارڪيٽ، جوتا بازار، سونارا بازار سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ دوڪان بند پيل آهن. جڏهن ته سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران شهر ۾ احتجاج پڻ ڪيو پيو وڃي.ڪلوئي ۾ به ايس ٽي پي جي سڏ تي سمورا ننڍا وڏا شهر مڪمل طور تي بند رهيا. ايس ٽي پي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا انهي موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌو مان نوان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ سنڌ سان دشمني آهي سنڌ سان دشمني هرگز برداشت نه ڪنداسين، سنڌ کي سڪائڻ جي سازش کي اسان مڪمل طور تي ناڪام بڻائينداسين.ميرپورماٿيلو ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي سڏ تي ڪارڪنن طرفان ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف شٽر بند هڙتال ڪرائي سمورو شهر بند ڪرايو ويو آهي. انهي موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ وارو منصوبو سنڌ جي قتل عام جو منصوبو آهي. هنن چيو ته ڪئنال اڏڻ سان پاڻِ جي کوٽ پيدا ٿيندي ۽ سنڌ اندر زراعت جو مڪمل خاتمو ٿي ويندو. هنن چيو ته زراعت سنڌي ماڻهن جو جياپو آهي تنهن ڪري سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ واري منصوبي تان هٿ کنيو وڃي.شيخ ڀرڪيو ۾ به ايس ٽي پي جي سڏ تي شهر سميت مشين اسٽاپ مڪمل طور تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي جڏهن ته دوڪاندارن ايس ٽي پي جي سڏ کي موٽ ڏيندي پنهنجا سمورا ڪاروباري مرڪز بند ڪري ڇڏيا. ميرپورساڪرو ۾ به ايس ٽي پي جي سڏ تي شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند آهن. انهي موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻن چيو ته سنڌ کي پهرين ئي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي مٿان سنڌو درياهه مان ڇهه ڪئنال ڪڍي سنڌ جي ماڻهن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي اهڙي فيصلي کي فوري طور تي روڪيو وڃي.انهي کان علاوه ٻين شهرن ۾ به جن ۾ ٽنڊو غلام حيدر، ڪنڊيارو، جيڪب آباد، پنگريو، نواب ولي محمد، ٽنڊو ڄام، ٽنڊوالهيار، ٽنڊومحمدخان، شهدادپور، لاڙڪاڻو، رتوديرو، نوابشاهه ۽ ٻين شهرن ۾ به شٽربند هڙتال سان گڏ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن طرفان احتجاج پڻ ڪيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو