اسلام آباد (اياز مهر) اڳ ۾ ٻڌندا هئاسين ته پاڪستاني ۽ چين وارا نقل شيون تيار ڪرن ۾ ماهر آهن پرهاڻي دنيا جا مشهور ڊزائنر ۽ برينڊ هائوس به ڪنهن کان گهٽ ناهن. مختلف قومن جي ثقافتي شين ۾ ڦير ڦار ڪري انهن کي پنهنجي تخليق ۽ ڊزائن ظاهر ڪندي دنيا ۾ ڌنڌو شروع ڪيو اٿائون. تازو مثال نيويارڪ جي مونيڪا پائوليني ۽ سين موناهن جو آهي جن سنڌ جي صديون پراڻي ثقافت جي حصي اجرڪ جي هڪ بنا ٻانهن جي عورتاڻي شرٽ ڊزائن ڪئي آهي، جنهن کي هو فرانس سان جوڙين ٿا ۽ چون ٿا ته “برڪ ملٽي” رنگن کان متاثر ٿي هي دزائن ٺاهي آهي. شرمناڪ ڳالهه اها آهي ته هو اهو نٿا چون ته سنڌ جي ثقافت مان متاثر ٿيا آهن پر الٽو ڪريڊٽ فرانس کي ڏين ٿا. شروع ۾ اها شرٽ 47 هزار ۾ وڪرو ڪئي وئي پر هاڻي 18 هزار ۾ امريڪا م وڪرو ڪن ٿا. 2014 ۾ دنيا جي مشهور ڊزائنر سر پال سمٿ پشاوري چپل جي طرز تي “رابرٽ” چپل جو نالو ڏئي پنهنجي ڊزائن ظاهر ڪئي. تازو هڪ فرانسيسي ڊزائنر پشاوري چپل جي ڊزائن ۾ تبديلي ڪري ان کي “عمران سينڊل” جو نالو ڏئي پنهنجي ڊزائن ظاهر ڪندي ماڪيٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم عمران خان اعتراض ڪيو ته هو پنهنجي پارٽنر عمران سان ان کي منسوب ڪندو. ساڃاه وندن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو“پيٽنٽ رائٽس” هيٺ متعلقه ڊزائنرز خلاف قانوني چاره جوئي ڪن. گهٽ م گهٽ سنڌ ڪلچر دپارٽمينٽ کي اجرڪ ڊزائن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.
تازيون خبرون
مشهور خبرون
