سنڌڙي ويجهو پوليس ڇاپو هڻي شادي روڪرائي ڇڏي

سنڌڙي (ن س )سنڌڙي ڀرسان پوليس ننڍي عمر جي نينگري سان شادي ڪرائڻ جي الزام ۾ گھوٽ ۽ ڪنوار سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. رات دير سان دلبر مهر پوليس ڳجهي اطلاع تي ڳوٺ جان محمد جوڻيجو ۾ رٿيل ڪاڄ تي ڇاپو هنيو هو. پوليس ننڍي عمر جي نينگري سان شادي ڪرڻ جي الزام ھيٺ آيل گھوٽ 50 ورهين جي عبدالمجيد سامي، نينگري پوجا سامي، سندس والد رانجھو سامي ۽ امڙ کي گرفتار ڪري ورتو. اي ايس آءِ محبوب علي جي فرياد تي چائلڊ ميريج ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته 15 سالن جي پوجا سامي کي وومين پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. پوليس موجب، نينگري جي عمر 15 سال آهي، جنهن جي سندس مائٽ 50 ورهين جي عبدالمجيد سان ڪرائي رهيا هئا، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو