سنڌ جا تعليمي بورڊز شفافيت ۽ ميرٽ جا گهرجائو آهن

رحمت الله ٻرڙو
خبر ملي آھي ته صوبائي وزرات   براء يونيورسٽيز اينڊ بورڊ جي اعلي اختيارين هڪ سمري تيار ڪري سنڌ جي وڏي وزير ڏانهن موڪلي آھي ته سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ اهل آفيسرز ۽ اعلي عهدن جي مقرريء لاء آء بي اي ڪراچيء مان ٽيسٽ  پاس ضروري قرار ڏجي.ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آھي ته ڪيترن  تعليمي بورڊز جي اهم ۽ اعلي عهدن تي مقررين لاء ڏنل اشتهار تعطل جو شڪار آھي ته اشتهار خلاف ڪو عالتي حڪم نامو جاري ٿيل آھي.ان اشتهار موجب سنڌ جي تعليمي بورڊز ۾ چيئرمينن،سيڪريٽريز،ڪنٽرولرز،آڊٽ آفيسرز جي عهدن لاء اعلان ڪيو ويو هو.هاڻي انهن عهدن تي مقرريء لاء آئي بي اي ڪراچيء ذريعي ٽيسٽ جو شرط ڏنو ويو آھي.سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي سيڪريٽري عباس بلوچ پاران اها سمري وزير اعلي ڏانهن 27 نومبر 2023 تي موڪلي ڇڏي آھي.جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته وزير اعلي چيئرمين،سيڪريٽريز ،ڪنٽرولر آف ايگزامينيشن ۽ آڊٽ آفيسرز جي خالي جاين کي سرچ ڪميٽيء معرفت  اشتهار جي اشاعت ۽  ڀرڻ جي اجازت ڏني وڃي.پر ٿيو ايئن جو ان اشتهار جي خلاف سنڌ هاء ڪورٽ ۾ ڪجھ درخواستون ڏنيون ويون.وزير اعلي سنڌ کي بورڊز کاتي جي اعلي اختيارين پاران موڪليل سمريء ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آھي ته سنڌ هاء ڪورٽ ڪيس نمبر 2024/47 يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي کي  سرچ ڪميٽيء معرفت تقررين جي عمل کي اڳتي ڪرڻ جي پڻ اجازت ڏني آھي.پر هاڻي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتو سرچ ڪميٽي ايڪٽ  2022  تحت آء بي اي ڪراچي ۽ سرچ ڪميٽيء معرفت اهي مٿي ڄاڻايل جايون ڀريون وڃن.ذريعن موجب مٿي ڏنل عهدن لاء 200 کان مٿي اميدوارن پڻ درخواستون ڏنيون آھن.ان ڪري آء بي اي ڪراچيء معرفت ٽيسٽ وٺي شارٽ لسٽيڊ ڪامياب اميدوارن جا انٽرويو ورتا وڃن.مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي 8 تعليمي بورڊز جا تمام سروس رلز جدا جدا آھن،پر ڪنهن به رول يا ايڪٽ ۾ چيئرمين،سيڪريٽري،ڪنٽرولر آف ايگزامينيشن ۽ آڊٽ آفيسر جي ڀرتيء جو طريقڪار طئي ناهي ٿيل.ڪجھ وقت اڳ جڏهن مٿين ڀرتين لاء اشتهار ڏنو ويو هو ۽ اهي سنڌ جي تعليمي بورڊز لاء اعلي عهدن تي مقرريون ڪرڻيون هيون ته ان خلاف سنڌ هاء ڪورٽ هڪ اسٽي جاري پڻ ڪيو هو.سرچ ڪميٽيء جي معرفت واڪ ان انٽرويو ڪري ڀرتي ڪرڻ واري عمل خلاف سرچ ڪميٽيء جي هڪ انتهائي اهم ميمبر هڪ ميٽنگ ۾ پڻ اعتراض واريندي چيئرمين سرچ ڪميٽيء کي چيو ته هي سراسر زيادتي ٿيندي ته انٽرويو جي بنياد تي اسان ڪنهن اهڙي آڊٽ آفيسر کي مقرر ڪري ڇڏيون جنهن کي آڊٽ جي پيراز جي به خبر ناهي،جنهن کي انگريزيء ۾ رپورٽ ٺاهڻ جي اهليت نه هجي ۽ هو پاس ٿي وڃي.اهڙي نموني ٻين عهدن جي ڀرتين تي به اعتراض ٿيا ۽ ان اعتراض ڪندڙ اهم سرچ ڪميٽي ميمبر چيئرمين سرچ ڪميٽيء آڏو پنهنجو موقف رکيو ته گهٽ ۾ گهٽ سا انٽرويو ڪري بنا ميرٽ روپرٽ جي ڀرتيء واري عمل ۾ مان شامل نه ٿيندس.انتهائي اهم معلومات ڏيندڙ ذريعي جو خيال آھي ته هن وقت ان اعتراض  ۽ اختلاف ڪندڙ ميمبر جي مڙني ڳالهين کي شفارش طور سنڌ جي وڏي  وزير ڏانهن سمريء جي صورت ۾ ڏياري موڪليو آھي ته ميرٽ جي بنياد تي ڀرتين لاء آء بي اي  ڪراچيء کان ٽيسٽ ڪرائي پوء پاس ٿيندڙن کان انٽرويوز ورتا وڃن.اها حقيقت آھي ته سنڌ جي تعليمي ادارن جي ريپوٽيشن ياڪارڪردگي ڪا بهتر ڪونه آھي وقت به وقت تعليمي معيار وڃي پيو گهٽبو.جنهن جو وڏو سبب شفارش ڪلچر ۽ رشوت ڪلچر پڻ آھي.حيرت جي ڳالھ اها آھي ته سنڌ جي 8 تعليمي بورڊن جا مقرري رولز يا ايٽ هڪ جهڙا ناهن ۽ جي ڪجھ آھن ته انهن جي ڪا وضاحت ڪونهي ته مقرريون پڻ هن ايڪٽ تحت ٿينديون.سواء ان جي ته ڪابه ڊگري ۽ ڪو به گريڊ رکڻ وارو درخواست ڏئي سگهي ٿو.ايتري تائين جو خود وائيس چانسلرز ۽ تعليمي بورڊز جي عهدن لاء ڪروڙين روپين جون ٻوليون لڳنديون رهيون آھن.جيڪڏهن واقعي اهي حقيقتون آھن ته پوء هي تعليمي نظام يا هي تعليمي بورڊن جو معياري هجڻ ڪيئن بهتر ٿي سگهي ٿو.ان لاء لازمي آھي ته خود اداري تعليمي بورڊز جي اعلي اختيارين ۽ حڪومت سنڌ کي خاص توجھ ۽ دلچسيء سان نظام کي بهتر ڪرڻو پوندو.قومن جي روشن مستقبل لاء لازمي آھي ته قومي قيادتن کي توجھ ڏيڻي پوندي آھي.قومن جو بهتر مستبل سچي قيادتن جي هٿ وس هوندو آھي.دنيا جي بهتر قومي پاليسي ۾ اتان جي تعليمي نظام جي بهتري ۾ ھوندي آھي.ڪنهن ڏاهي جو قول آھي ته توهان مونکي پڙھيل لکيل ماء ڏيو مان توهان کي بهتر پڙھيل لکيل قوم ڏيندس.ان ڳالھ مان ثابت ٿئي ٿو ته قومي جي ترقيء ۽ امياب توڻي زوال جو وڏو سبب تعيم هجڻ ۽ نه هجڻ تي دارو مدار کي ٿو.ان لاء ضروري ٿي پيو آھي ته سنڌ جي تباھ حال تعليمي نظام جي بهتريء لاء ميرٽ جو بحال ٿيڻ ۽ ميرٽ جي بنياد تي عمل ٿيڻ ڪنهن ڏاهي قيادت جي سڃاڻپ پڻ آھي.سنڌ جي تعليمي بورڊز جي اعلي عهدن تي مقررين لاء هن وقت جيڪي سرچ ڪاميٽيء معرفت شفارشون تيار ٿي سنڌ جي وڏي وزير وٽ سمريء جي صورت ۾ ويون آھن سي پڻ تام بهتر آھن.جنهن ۾ ڀرتين لاء آء بي اي ڪراچيء کان تحريري امتحان وٺڻ ۽ ان تحريري امتحان جون مارڪون 60 سيڪڙو رکيون ويون آھن جن مان 30 سيڪڙو مارڪون کڻي ايندڙ اميدوار ڪامياب قرار ڏنو ويندو.اهڙيء طرح سو مارڪن مان 40 سيڪڙو مارڪون انٽرويو جو رکيون ويون آھن، جنهن ۾ ڪامياب ٿيڻ لاء گهٽ ۾ گهٽ 20 سيڪڙو مارڪون کڻڻ ضروري آھن تڏهن وڃي اميدوار ڪامياب قرار ڏنو ويند.ان جو مقصد اهو ٿيو ته 30 مارڪون تحريري امتحان جون ۽ 20 مارڪون انٽرويو جون هونديون.اهڙي طرح اميدوار کي 50 مارڪون کڻڻ ضروري آھن.اهو ۽ ان کان علاوه ڪجھ رولز به منظوريء لاء موڪليا ويا آھن جن تحت اميدوار اپلاء ڪري سگهندو.وڏي حيرت جي ڳالھ اها آھي ته اسان جي حڪمران حلقن سنڌ جي تعليم تي ۽ اتي شفافيت تي 75 سالن ۾ ڪا خاص توجھ ناهي ڏني جيڪڏهن ايئن توجھ ڏين ها ته تعليمي معيار جو هي حال نه هجي ها.ان ڪري جيترو ممڪن ٿي سگهي ته بهتر تعليمي معيار کي قائم ڪرڻ لاء هنگامي بنيادن تي تعليمي سڌارا آڻڻا پوندا ۽ ان سان گڏو تعليمي نظام جي برابريء تي خاص توجھ ڏيڻي پندي جنهن جي پهرين ترجيح ميرٽ جو بحال ٿيڻ ضروري آھي.اسان سمجهون ٿا ته پاڻيء واري اهم اشوء تي وفاق سان جنگ جوٽيندڙ سنڌ جو وزير اعلي سيد مراد علي شاھ سنڌ جي تعليمي بهتريء تي توجھ ڏيندي ايمرجنسي بنيادن ۽ هنگامي بنيادن تي تعليمي سڌارا آڻڻ تي ضرور خاص ڌيان ڏيندو.خصوصي طور موجوده سرچ ڪميٽيء جون اهي شفارشون جيڪي سنڌ جي تعليمي بورڊز  جي بهتريء لاء ۽ تعليمي معيار جي بهتريء لاء سيڪريٽري بورڊز محمد عباس بلوچ معرفت ويون آھن سي پڻ ضرور منظور ٿيڻ کپن.ان ۾ آء بي اي ڪراچيء کان تحريري ٽيسٽ جي منظوري ۽ ان کان پوء  سرچ ڪميٽيء ۾ مقرر  40 سيڪڙو مارڪن جي بنياد تي ٿيندڙ انٽرويوز واريون شفارشون ڄاڻايل آھن.هي ته سنڌ جي تعليمي بورڊز جي اعلي عهديدارن جي مقررين وارو اشو آھي جنهن تي هميشھ ميرٽ جي ڄڻ ته لتاڙ ٿيندي آئي آھي.جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته سنڌ جو تعليمي بورڊز جو هيء بگڙيل صورتحال سواليھ نشان تي نه هجي ها.ان کان علاوه سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو نظام يا اتي مقررين جو قانون پڻ توجھ طلب آھي.اهڙي طرح سان سنڌ جي قانون واري کاتي جي سيڪشن پراسيڪيوشن کاتي ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽرز جي مقرري به پڻ ميرٽ جي لتاڙ سان ٿئي ٿي.اهڙا سوين وڪيل جيڪي پلڪ سراسيڪيوٽرز  آھن جن کي انگريزي ته ڇا پر سنڌيء ۽ اردو ۾ درخواست ٺاهڻ ناهي ايندي.هو هر مهيني الائي ڪيترا ڪروڙين روپيا پگهار سميت الائونس کڻن ٿا.پر اتيويٺل اعلي اختيارين کي ان جي ڪا پرواھ ڪونهي.!! ته قانون واري هن حساس نوعيت واي شعبي ۾ نااهل ڪيئن ٿا ڀرتي ٿين.انهن ۽ اهڙن عملدارن کان ميرٽ جي بنياد تي ٽيسٽ وٺو اڌ کان مٿي پبلڪ پراسيڪيوٽرز نااهل ثابت ٿيندا.عدالتن ۾ مختلف ڪيسين جو نبيرو يا اڪلاء نه ٿيڻ جو وڏو سبب نااهل ذميوارن جو ڪرسين تي هجڻ پڻ آھي
.ان لاء سنڌ حڪومت کي کپي ته سنڌ جي جي تعليمي بورڊز جي بهتر نظام لاء بهتر ۽ اهل اميدوارن جو عهدن تي اچڻ جيترو ضروري آھي اوترو مٿي بنياد ڪيل ٻين ادارن ۾ ميرٽ جو بنياد متعارف ڪرائڻ ضروري آھي.ان لاء وزير سنڌ کي سيڪريٽري بورڊز محمد عباس بلوچ پاران محنت ڪري جيڪا سمري موڪلي وئي آھي سا پڻ  جتي خاص توجھ جي گهرجائو آهي اتي پڻ ان جو فوري منظور ٿي اچڻ ادارتي بهتريء لاء ڪارآمد ثابت ٿيندو. سنڌ ۾ تمام اهل ۽ ڪارآمد سينيئر آفيسرز جي کوٽ آھي جيڪي پڻ جو اهليت ۽ ميرٽ تي ڪم ڪن.جيڪي چند همدرد،احساس مند ۽ زميوار آفيسرز پڻ آھن انهن ۾ عباس بلوچ سيڪريٽري بورڊز پڻ شامل آھي.ڏسون ته هاڻي عدالتي مداخلتن کان پوء سنڌ جا تعليمي بورڊز سنڌ حڪومت جي توجھ جو ڪيترا ويجها ٿا رهن سو پڻ سنڌ جي وزيراعليء جي تعليمي پاليسيء سان دلچسپيء  تي دارومدار رکي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو