سنڌ جا 19 هزار 808 اسڪول برساتن سبب متاثر ، 7,503 مڪمل تباهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ برساتن ۾ تباهه ٿيل اسڪولن جي تعمير بابت اجلاس ٿيو اجلاس ۾ تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، تعليم واري سيڪريٽري زاهد عباسي، ناڻي واري سيڪريٽري فياض جتوئي، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه جو سنڌ جي وڏي وزير کي برساتن سبب متاثر ٿيندڙ اسڪولن جي عمارتن بابت بريفنگ ڏني،2022ع ۾ سنڌ جي 40 هزار 978 اسڪولن مان 19 هزار 808 اسڪول سخت متاثر ٿيا.متاثر ٿيل 19,808 اسڪولن مان 7,503 مڪمل طور تي تباهه ۽ 12,305 جزوي طور متاثر ٿيا.سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڪئي ته جيڪي اسڪول مڪمل تباهه ٿي ويا آهن انهن کي ٻيهر تعمير ڪيو وڃي سنڌ جي وڏي وزير جي سوال تي تعليم واري وزير چيو ته 40978 اسڪولن ۾ 5.22 ملين ٻار پڙهن ٿا.سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته تباهه ٿيل اسڪولن ۾ 2.233 ملين ٻار پڙهي رهيا آهن تعليم واري وزير چيو ته تباهه ٿيل اسڪولن ۾ عارضي انتظامن تحت تعليم ڏني پئي وڃي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻارن جي تعليم ڪنهن به صورت ۾ متاثر نه ٿيڻ گهرجي سنڌ ۾ 2608 ايليمينٽري اسڪولن مان 1192 تباهه ڪيا ويا تباهه ٿيل 1192 پرائمري اسڪولن مان 338 مڪمل ۽ 854 جزوي طور تباهه ٿيا،سنڌ ۾ 1654 سيڪنڊري ۽ 491 هائر سيڪنڊري اسڪول آهن وڏي وزير ٻڌايو ته برساتن ۾ 928 سيڪنڊري ۽ 278 هائير سيڪنڊري اسڪول تباهه ٿيا آهن،اي ڊي پي پروگرام تحت صوبي جي 23 ضلعن ۾ 538 زبون حال اسڪولن جي تعمير جو ڪم جاري آهي. چين جي گرانٽ تحت 100 اسڪول ٺاهڻ جي اسڪيم منظوري جي آخري مرحلن ۾ آهي 100 اسڪولن مان 20 حيدرآباد، 29 خيرپور، 29 لاڙڪاڻي ۽ 22 سکر ڊويزن ۾ آهن، سنڌ جي وڏي وزير چائنا جي گرانٽ سان تعميراتي اسڪيم منظور ڪري تباهه ٿيل اسڪولن کي شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي،هن وقت 4162 تباهه ٿيل اسڪول تعمير هيٺ آهن يا مختلف پروگرامن تحت شروع ٿيڻ وارا آهن چين جي گرانٽ تحت 100 اسڪول، يورپي يونين تحت 112 اسڪول ۽ جائيڪا تحت 9 اسڪول تعمير هيٺ آهن. سنڌ حڪومت جي پنهنجي بجيٽ مان 1132 تباهه ٿيل اسڪولن جي مرمت ٿي رهي آهي تعليم واري وزير ٻڌايو ته وفاقي پي ايس ڊي سان 833 اسڪولن جي مرمت ٿي رهي آهي، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان 833 تباهه ٿيل اسڪولن جي تعمير جو ڪم جاري آهي،سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پروجيڪٽ تحت 31 اسڪول تعمير هيٺ آهن

پهنجو تبصرو موڪليو