سنڌ جون يونيورسٽيون پٺتي ڇو آهن؟

نصير ميمڻ
سنڌ ۾ يونيورسٽين جي تعليمي معيار تي بحث نئون ناهي. سماج جي مجموعي زوال جي زماني ۾ يونيورسٽين کي به اهي سموريون وبائون لڳل آهن جيڪي ٻين ادارن کي لڳل آهن. جيئن پرائمري، هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج اڌ پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل شاگردن جا لشڪر پيدا ڪن ٿا، اهي ئي اڳئين مرحلي ۾ يونيورسٽين ۾ پهچن ٿا. اتي به استادن جي گهڻائي پاڻ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ کان بيزار ويٺل آهي. استادن جي ڀرتين ۽ ترقين لاءِ جهڙا معيار استعمال ٿين ٿا، ان جي نتيجي ۾ ڪلاس رومز ۽ ليبارٽريون جديد دور جي گهرجن کان گهڻو ڏور بيٺل آهن. سياسي بنيادن تي وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ، انهن کان فرمائشي تدريسي ۽ غير تدريسي عملي جون اهم توڙي ننڍن عهدن تي ڀرتيون ڪرائڻ جي نتيجي ۾ اڪثر يونيورسٽيون بيروزگارن جا ڪٽڪ پيدا ڪن ٿيون. ظاهر آهي ته اها ڳالهه سمورن ادارن، وائيس چانسلرن، استادن، آفيسرن ۽ شاگردن تي لاڳو نه ٿي ٿئي پر گهڻائيءَ جو حال اهو ئي آهي. ويجهڙ ۾ سنڌ حڪومت صوبي ۾ وائيس چانسلرن جي ڀرتين لاءِ قانوني قاعدن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنرل يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلر جي ڀرتين لاءِ 21هين گريڊ جي ڪامورن کي به اهل بڻايو ويو آهي. هونءَ ته وائيس چانسلر بنيادي طور تي اداري کي مجموعي اڳواڻي ڏيندڙ اهم عهدو آهي، جنهن تي ٻين شعبن جي اهل ماڻهن جي مقرر ٿيڻ ۾ ڪا خرابي ناهي، پر سوال اهو آهي ته اهو معيار رڳو جنرل يونيورسٽين تي لاڳو ڪرڻ ۽ انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل يونيورسٽين کي ان شرط کان آجو رکڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟ ممڪن آهي ته سنڌ سرڪار کي ڪجهه اهم ڪامورن کي اهي عهدا ڏيڻ جي ضرورت پيش آئي هجي. جتي تدريسي شعبي سان تعلق رکندڙ پروفيسرن جي وائيس چانسلر ٿيڻ جي باوجود يونيورسٽين جي مجموعي ڪارڪردگيءَ ۾ ڪا نمايان بهتري ناهي آئي، اتي سنڌ جي ڪامورا شاهيءَ سرڪاري کاتن جو جيڪو حشر ڪيو آهي، اهو به ڪنهن کان ڳجهو ناهي.
وائيس چانسلرز جي عهدي تي علامه آءِ آءِ قاضيءَ جهڙا مدبر عالم به رهيا آهن ته نثار صديقيءَ جهڙا ڪامورا به رهيا آهن. ٻنهي جو نالو سنڌ ۾ انتهائي احترام سان ورتو وڃي ٿو. ساڳئي وقت تدريسي شعبي سان تعلق رکندڙ ڪجهه وائيس چانسلرن يونيورسٽين جو جيڪو حشر ڪيو ان جا به حوالا موجود آهن، در حقيقت مسئلو تدريسي يا غير تدريسي تجربو رکندڙ وائيس چانسلر کان وڌيڪ انهن کي مقرر ڪرڻ جي معيار ۽ سياسي مداخلت جو آهي. بدقسمتيءَ سان سنڌ سرڪار ٻين کاتن جيان يونيورسٽين کي به مقامي سياستدانن جي اوطاقن ۽ هائوسز جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. سياسي اڳواڻن پاران يونيورسٽيون ۽ ڪيمپسز قائم ڪرائڻ ۾ دلچسپيءَ جو بنياد علائقي ۾ اعليٰ تعليم پکيڙڻ کان وڌيڪ ڊيلي ويجز تي سياسي ورڪر ڀرتي ڪرائڻ جي خواهش رهيو آهي. مثال طور خيرپور ضلعي ۾ هر شعبي جون يونيورسٽيون ۽ ڪيمپسز کوليا ويا پر اهي سڀ تعليمي معيار ۾ هيٺ ۽ ڀرتين ۾ سڀني کان مٿي آهن. ضلعي جي مختلف گادين ۽ اوطاقن پنهنجي پنهنجي اقتداري دور ۾ اتي پٽيوالا، چوڪيدار ۽ مالهي ڀرتي ڪرائي ۽ من پسند استادن ۽ آفيسرن جا پروموشن ڪرائي نه رڳو انهن يونيورسٽين جو تدريسي ۽ انتظامي جنازو ڪڍائي ڇڏيو آهي پر هاڻي انهن يونيورسٽين جا وائيس چانسلر رات ڏينهن پگهارن جا پيسا پورا ڪرڻ لاءِ ڊوڙندا رهن ٿا. خيرپور ته رڳو هڪ مثال آهي. باقي هنڌن تي به صورتحال مختلف ناهي. ان کان سواءِ سياستدانن کي يونيورسٽين ۾ ٺيڪا ڏيارڻ ۾ به خاص دلچسپي هوندي آهي. ڀرتين جي حوالي سان صورتحال اها آهي جو هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران مقرر ڪيل تدريسي: غير تدريسي ڀرتين جي 5. 1/1 شرح (هڪ تدريسي عهدي تي ڏيڍ غير تدريسي عملو) جي سنڌ ۾ هر هنڌ لتاڙ عام آهي. سنڌ جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ اها شرح 7/ 1 به آهي. معنيٰ هڪ استاد جي ڀيٽ ۾ ستن ڄڻن جو غير تدريسي عملو ڀرتي ٿيل آهي.
خود استادن جي تنظيمن به ڀرتين، ترقين ۽ انتظامي عهدن تي پروفيسرن جي مقررين ڪرائڻ ۾ غير ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪروڙين رپين جي خرچ سان پرڏيهه مان پي ايڇ ڊي ڪري ايندڙ پروفيسر واپس اچي تحقيق ۽ تعليم جي ڪم بجاءِ انتظامي عهدا ماڻڻ لاءِ هٿ پير هڻن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترن ئي پي ايڇ ڊي ڪيل استادن سان ڏهه منٽ ڳالهائي پتو پئجي ٿو وڃي ته هن جي پي ايڇ ڊي ڪيئن پوري ڪيل هوندي. دنيا جي اسريل ملڪن جي مڃيل يونيورسٽين مان پي ايڇ ڊي حاصل ڪرڻ چرچو ناهي هوندو. دنيا ۾ علمي سطح تي تحقيق جو اهو وڏي ۾ وڏو مقام سمجهيو ويندو آهي. دنيا ۾ تحقيق، خيالن ۽ لکڻين جي حوالي سان پي ايڇ ڊيز ڪندڙن جو ڪم ڏسي سندن سوچ جي اڏام جو اندازو لڳايو ويندو آهي پر ساڳين ملڪن ۾ جڳاڙي ڊگريون ڏيڻ جو ڪاروبار هلائيندڙ ادارا به موجود آهن، جتان ٽين دنيا جي استادن لاءِ ڊگرين جا خاص پيڪيج به فراهم ٿيل آهن. انهن پيڪيجز مان پي ايڇ ڊي ۽ ماسٽرز جون ڊگريون حاصل ڪندڙ پري کان پڌرا هوندا آهن. ٻئي پاسي آمريڪا ۽ يورپ جي مڃيل يونيورسٽين مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ جيڪو سخت پورهيو ڪرڻو ٿو پئي ان مان لاڀ ماڻي ايندڙ ڪيترن ئي نوجوان ڊاڪٽرس جو زبردست ڪم به واکاڻ جوڳو هوندو آهي. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ اهڙا به ڪيترائي اهل پروفيسر موجود آهن، جيڪي ڪلاس رومز ۽ ليبارٽرين ۾ بهترين ڪم ڪري رهيا آهن. البته پي ايڇ ڊي محققن جو ڪم رڳو نصابي سرگرمين تائين محدود نه هجڻ گهرجي، سندن ڪم سماج جي مجموعي صورتحال کي بدلائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ وارو به هجڻ گهرجي. سنڌ ۾ زراعت، آبپاشي، عوامي صحت، معيشت، ڊيموگرافي، انتهاپسندي، عورتن جي ترقي، تعليم، چوپائي مال ۽ ماهيگيري، موسمياتي تبديلي، انساني حقن، قدرتي آفتن ۽ تباهين جهڙا انيڪ مسئلا آهن، جن تي تحقيق ڪرڻ، مسئلن جا فني ۽ انتظامي حل ڳولڻ، عوامي پاليسيون ٺاهڻ ۽ عوامي جاڳرتا پيدا ڪرڻ جهڙا ڪم به انهن ئي پڙهيل لکيل پروفيسرن کي ڪرڻ گهرجن پر انهن مان ايڪڙ ٻيڪڙ کي ڇڏي اڪثريت ڪنهن عوامي فورم تي ڪردار ادا ڪندي نظر نه ٿي اچي. وڏي فني تحقيق ته ڇڏيو اخبارن ۾ مضمون به ايڪڙ ٻيڪڙ لکن ٿا.
سنڌ ۾ پنجاب جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ يونيورسٽين ۾ پي ايڇ ڊيز لاءِ عملو مقرر آهي پر ان جي باوجود سنڌ پٺتي آهي. هائيرايجوڪيشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي مختلف رپورٽن ۾ ڏنل هيٺيان انگ اکر ڏسي سنڌ ۽ پنجاب جي ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي.
سنڌ ۾ سرڪاري ۽ خانگي شعبي ۾ ڪل 76 يونيورسٽيون آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ اهو انگ 96 آهي. گذريل آدم ڳڻپ موجب پنجاب جي آبادي 12 ڪروڙ 80 لک ۽ سنڌ جي 5 ڪروڙ 57 لک آهي. ان حساب سان پنجاب ۾ 33. 13 لک آباديءَ تي هڪ يونيورسٽي ۽ سنڌ ۾ 32. 7 لک آبادي تي هڪ يونيورسٽي آهي، 22-2021ع جي انگن اکرن موجب سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جو انگ 45 ۽ پنجاب ۾ 41 آهي. سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ شاگردن جو انگ 174579 ۽ پنجاب ۾ 520884 آهي. سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ 2338 پي ايڇ ڊي استاد ۽ پنجاب ۾ 5443 استاد آهن. ان لحاظ کان سنڌ ۾ 74 شاگردن تي هڪ پي ايڇ ڊي استاد ۽ پنجاب ۾ 95 شاگرن تي هڪ پي ايڇ ڊي استاد آهي. صوبي جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ ڪل 4722 استاد ۽ پنجاب ۾ 8293 استاد آهن. ان لحاظ کان سنڌ ۾ 37 شاگردن تي هڪ استاد ۽ پنجاب ۾ 63 شاگردن تي هڪ استاد آهي. پنجاب جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ ڪل 28282 ملازم ۽ سنڌ ۾ 20415 ملازم آهن. شاگردن جي تناسب سان سنڌ ۾ 8.5 شاگردن تي هڪ ملازم ۽ پنجاب ۾ 18.5 شاگردن تي هڪ ملازم آهي. سنڌ ۾ هڪ استاد جي ڀيٽ ۾ 4.3 ملازم ۽ پنجاب ۾ 3.4 ملازم آهن. اهي انگ اکر ڏسي معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ سرڪاري يونيورسٽين، پي ايڇ ڊي استادن، ڪُل استادن ۽ ملازمن جي شرح پنجاب کان وڌيڪ آهي پر ٻنهي صوبن جي يونيورسٽين جي معيار ۾ تمام گهڻو فرق آهي. پنجاب جي يونيورسٽين جا شاگرد قابليت جي لحاظ کان سنڌ کان گهڻو اڳڀرا آهن. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ شاگردن توڙي استادن جي تناسب سان ملازمن جو انگ به پنجاب کان وڌيڪ آهي. ياد رهي ته انهن ملازمن ۾ گهڻي ڀاڱي ڏهاڙي اجوري تي رکيل سوين ملازمن جا انگ لڪايل به هوندا آهن، جن جا لشڪر سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ڀرتي ڪيل آهن. اهي ته ٿورا انگ اکر آهن ۽ اڃا بجيٽن، ليبارٽرين، ريسرچ ۽ ملازمتون حاصل ڪندڙ شاگردن جا انگ ڀيٽ ڪبا ته ٻيا پاسا به اڳيان ايندا. سنڌ ۾ سرڪاري شعبي جي يونيورسٽين جي انهن ڪمزور پاسن تي بحث ڪرڻ جي ضرورت آهي. پنجاب جي يونيورسٽين ۾ به هاڻي سرڪاري مداخلت جون شڪايتون آهن پر سنڌ جا قصا ٻڌي ته ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون.
اڄ ڪلهه يونيورسٽين جي معاملن ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي ادارن جي مداخلت به عام آهي. وائيس چانسلرز کي انٽرويو ۾ چونڊجڻ کان پوءِ مقرر ٿيڻ لاءِ سيڪيورٽي ادارن جو ڪليئرنس به گهربل آهي. اهو ئي سبب آهي جو وائيس چانسلرز کي وزيرن ۽ سيڪيورٽي عملدارن توڙي سندن ڇاڙتن کي به لڳاتار خوش رکڻو هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مقررين، بدلين، داخلائن ۽ اسڪالرشپس ۾ به وائيس چانسلرز کي چٺين ۽ فون ڪالز تي جاري ٿيل حڪمن جي بجاآوري ڪرڻي ٿي پئي. وائيس چانسلرز به عهدي جي لسٽ ۽ مراعتن جي چڪر ۾ سرڪار، استادن، ملازمن ۽ شاگردن جي تنظيمن جي فرمائشن جي تعبيداري ڪرڻ ۾ نه ٿا هٻڪن، ان عهدي جي معيار ۽ وقار کي ڪيرائڻ ۾ ٻاهرين ڪردارن سان گڏ وائيس چانسلر پاڻ به ذميوار آهن. وائيس چانسلر تدريسي شعبي جا هجن، ڪامورا يا خانگي شعبي جا هجن، منجهن اڳواڻيءَ واري صلاحيت، شفافيت، مالي ۽ انتظامي معاملن جي صلاحيت هجڻ جي ضرورت آهي. سندن شخصيت ايتري صاف ۽ سگهاري هجي جو عهدي تي پهچڻ کان پوءِ اهي مختلف دٻائن کي به منهن ڏئي سگهن. جيئن سکر آءِ بي اي ڪجھ ڏهاڙا اڳ ايمڊيڪيٽ جهڙي سخت تڪراري بڻيل ٽيسٽ جو نهايت شفاف نموني اهتمام ڪري، اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته جيڪڏهن اداري جي اندر انتظامي صلاحيت هجي ۽ ان جي قيادت وٽ چئلينج قبول ڪرڻ جي همٿ هجي، ته ادارا اهڙا اتساهيندڙ مثال پيدا ڪري سگهن ٿا. سو آءِ بي اي سکر ان حوالي سان سنڌ جي يونيورسٽين لاءِ هڪ بهترين مثال پڻ قائم ڪيو آهي. سنڌ جي تعليمي ادارن کي پنهنجي ساک ۽ اهليت ثابت ڪرڻ جي لاءِ اهڙي قسم جي چئلينجز جي چونڊ ڪرڻ گهرجي ۽ انهن چئلينجز تي پورو لهي اهو ثابت ڪري ڏيکارڻ گهرجي ته ڪيئن تدريسي ۽ غير تدريسي ميدانن ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن جا سربراھ ادارن جي ساک قائم ڪري سگهن ٿا. ان سان گڏ يونيورسٽين ۾ ٻاهرين مداخلت ۽ سياسي ٽنبڪن کي بند ڪرڻ جي به ضرورت آهي.

روزاني ڪاوش جي ٿورن سان پيش ڪجي ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو