سنڌ جو ٻچو ٻچو پاڻي ۽ وسيلن لاءِ آخري گھڙي ۽ فتح تائين وڙھندو

حيدرآباد(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته ڪئنالن خلاف آبادگار بورڊ،سپلا،ادبي سنگت، گسٽا،ايگريڪلچرچيمبر، پي ايم اي، سگا،پ ٽ الف، سکر،لاڙڪاڻو بارز وڏا احتجاج ڪن،چولستان ڪينال سميت ڇھن ڪينالن جي مھم جوئي نه صرف سنڌ کي بلڪي سموري ملڪ کي اقتصادي، سياسي ۽ سماجي تباھي جي موتمار کاھي ۾ ڪيرائي ڇڏيندي،هن چيو ته توھان کي غلط فھمي آھي ته سڄي سنڌ ڪا حڪمران وڏيرن، سردارن، مرشدن، وزيرن، ڪامورن ۽ کرب پتين وانگر ھيڻي، موقعي پرست ۽ ڀاڙي آھي، سنڌ جي پورھيتن ۽ ھيٺين وچولي طبقي جو ٻچو ٻچو پنھنجي وطن، پاڻي ۽ وسيلن لاءِ آخري گھڙي ۽ آخري فتح تائين وڙھندو.هن چيو ته سنڌي ماڻھو پنھنجي حقن ۽ وسيلن لاءِ اٿندا ته حڪمرانن جا رستا بند ٿي ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو