ڏکڻ ڪوريا کي ڌاٻيجي اقتصادي زون ۾ صنعتون لڳائڻ جي آڇ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڏکڻ ڪوريا کي ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ صنعتون لڳائڻ جي آڇ ڪئي آهي. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ عوامي جمھوريا ڪوريا جي سفير مسٽر پارڪ ڪجن سان ملاقات دوران ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن، واپاري رابطن ۽ سيڙپڪاري جا موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ سنڌ ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ اقتصادي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وڏي وزير ڏکڻ ڪوريا کي ڌابيجي اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ صنعتون لڳائڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته هي زون پرڏيھي سيڙپڪارن لاءِ پرڪشش موقعا فراهم ڪري ٿو. هن ڪورين ڪمپنين کي سنڌ ۾ هاءِ-ٽيڪ انڊسٽري، سيمي ڪنڊڪٽرز ۽ آٽوموبائل جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي آڇ ڪئي. ڪورين سفير پارڪ ڪجون چيو ته ماضي ۾ ڏکڻ ڪوريا سنڌ ۾ حيدرآباد-ميرپورخاص روڊ کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير ڪيو هو، بهرحال ان کان پوءِ ڪنهن به وڏي منصوبي تي ڪم نه ڪيو ويو. هن سنڌ ۾ آءِ ٽي ۽ آٽوموبائيل جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ڏکڻ ڪوريا جي سفير کي يقين ڏياريو ته سندس حڪومت ڏکڻ ڪوريا جي سيڙپڪارن کي مڪمل سهڪار فراهم ڪندي. ان سلسلي ۾ هن انويسٽمينٽ ڊپارٽمينٽ سنڌ کي هدايت ڪئي ته هو ڪورين سيڙپڪارن سان سڌي رابطي ۾ رهي سندن ڀرپور سھڪار ڪيو وڃي. وڏي وزير جي ترجمان موجب، هيءَ ملاقات سنڌ ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ اهم قدم ثابت ٿيندي ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ واپاري ۽ صنعتي معاهدن جي راهه هموار ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو