ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جيستائين ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (سي سي آءِ) فيصلو نه ڪندي، تيستائين سنڌو درياءَ مان ڪو به ڪئنال نه نڪرندو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير ٻڌايو ته چولستان ۽ چوباره ڪئنال بابت سنڌ کي به اعتراض آهن ۽ انهن کي سي سي آءِ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.هن وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته گرين پاڪستان انيشيٽو تحت چولستان ۾ 50 کان وڌيڪ ٽيوب ويل لڳائي پوکائي ڪئي وئي آهي، جتي جَرَ جو پاڻي استعمال ٿي رهيو آهي، پر ان کي غلط انداز ۾ چولستان ڪئنال جي اڏاوت طور پيش ڪيو پيو وڃي. مراد علي شاهه چيو ته ڪجهه ماڻهو 6 ڪئنالن واري هنڌ جو معائنو ڪري آيا آهن، جڏهن ته سنڌ سرڪار به پنهنجا ماڻهو موڪليا هئا. هن واضح ڪيو ته سنڌو درياءَ ۾ سنڌ جي حصي جي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به ڪنهن کڻڻ نه ڏينداسين. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي اميدن تي پورو لهندي، ڪي فور منصوبي تي تيزيءَ سان ڪم جاري آهي، جڏهن ته ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ ڪيترن ئي واٽر سپلاءِ اسڪيمن تي به ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ هڪ وڏي اسپتال جي تعمير مڪمل ٿيڻ واري آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ هاڻي ماحول بهتر ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته اپوزيشن ليڊر ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي بابت خدشا ظاهر ڪيا آهن، پر هيل تائين 330 ارب رپين کان وڌيڪ ترقياتي منصوبن تي خرچ ٿي چڪا آهن. مراد علي شاهه ملڪ ۾ وڌندڙ دهشتگردي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي، امن امان قائم رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ سنڌ اسيمبلي اڳ ئي دهشتگردي خلاف ٺهراءُ منظور ڪري چڪي آهي. هن چيو ته 2013ع کانپوءِ سنڌ ۾ دهشتگردي گهٽ ٿيڻ لڳي ۽ سنڌ ڏکيو وقت به ڏٺو آهي، قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪئي وئي، جتي اهم معاملن تي غور ڪيو ويو. وڏي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته حڪومت هر سال بجيٽ کان اڳ ان تي بحث ڪندي آهي، ۽ صوبائي حڪومت پري بجيٽ تياري لاءِ اجلاس سڏائڻ جي به پابند آهي.
