ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو) چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه جي صدارت هيٺ فوتي ڪوٽا تي عملدرآمد بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف لاڳاپيل کاتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف کاتن ۾ فوتي ڪوٽا تي 302 ملازم ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. گهرو کاتي ۾ 133، تعليم کاتي ۾ 57 ۽ مڪاني ادارن ۾ 13 ڄڻن کي فوتي ڪوٽا تي ملازمت ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. زراعت کاتي ۾ 10، بورڊ آف روينيو ۾ 4، ۽ صحت کاتي ۾ 13ملازم ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. چيف سيڪريٽري سنڌ جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرز کي جلد اجلاس گهرائي ڀرتين جي عمل کي تيز ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي، جڏهن ته 15 ڏينهن اندر عملدرآمد جي رپورٽ به پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
اگر آپ کو کسی مخصوص خبر کی تلاش ہے تو یہاں نیچے دئے گئے باکس کی مدد سے تلاش کریں