سنڌ جي وڏي وزير طرفان عيدالفطر تي قيدين لاءِ معافي جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عيدالفطر جي موقعي تي سزا يافته ڏوھارين لاءِ 120 ڏينهن جي رعايت جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير جي ترجمان موجب، هن فيصلي مان 820 قيدي فائدو حاصل ڪندا. جڏھن تھ هيءَ معافي انهن قيدين تي لاڳو نه ٿيندي، جيڪي رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث آهن. ان کان سواءِ موت جي سزا، قتل، جاسوسي، دهشتگردي، زنا ۽ ڌاڙي وارن ڏوهن جي ڏوھارين تي پڻ هي رعايت لاڳو نه ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو