سنڌ جي پراسيڪيوٽر جنرل جي مقرري چئلينج، نوٽيس جاري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ آئيني درخواست (C.P. No. D-968/2025) ٻڌڻ لاءِ منظور ڪئي، جيڪا ايڊووڪيٽ خادم حسين لاشاري، پنهنجي وڪيل ايڊووڪيٽ نهال خان لاشاري جي ذريعي، پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ جي تازو ٿيل عبوري مقرري خلاف داخل ڪئي . عدالت انهيءَ معاملي ۾ ترجيحي ٻڌڻي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي، ايندڙ ٻڌڻي 27 مارچ 2025 تي مقرر ڪئي.درخواست جا اهم نڪتا، درخواستگذار ايڊووڪيٽ خادم حسين لاشاري حڪومت جي 03 فيبروري 2025 جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي چئلينج ڪيو، جنهن تحت جوابدار نمبر 3 کي پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ طور عبوري مقرري ڏني وئي. موقف ڏنو ويو ته اها مقرري سنڌ ڪرمنل پراسيڪيوشن سروس ايڪٽ 2009 جي سيڪشن 6 جي خلاف ورزي آهي، جنهن موجب پراسيڪيوٽر جنرل جي مقرري ڪابينا ذريعي ٿيڻ گهرجي. درخواست ۾ سنڌ پراسيڪيوٽرز (مقرري ۽ سروس جا شرط) رولز 2006 جو حوالو ڏنو ويو، جنهن موجب موجوده مقرري سينيارٽي لسٽ ۾ نمبر 17 تي موجود آفيسر کي ڏني وئي، جڏهن ته ڪيترن ئي سينئر آفيسرن کي نظرانداز ڪيو ويو بغير ڪنهن جواز جي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عبوري مقررين لاءِ به اختيارن جو منصفاڻو استعمال ضروري آهي، جيڪو هن ڪيس ۾ نظر نه آيو.عدالتي ڪارروائي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ترجيح بنياد تي نوٽيس جاري ڪندي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان جواب طلب ڪيو.

General by sindhyarskr on Scribd

پهنجو تبصرو موڪليو