محرم دوران سنڌ جي 143 عالمن ۽ ذاڪرن جي تقريرن ۽ سفر تي پابندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)حرم الحرام دوران سنڌ جي 143 عالمن ۽ ذاڪرن جي بيانن ۽ سفرن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.ان حوالي سان سنڌ جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 60 ڏينهن لاءِ لاڳو پابندي فوري طور لاڳو ڪئي ويندي.گهرو کاتي موجب آءِ جي جي سفارش تي 13 ضلعن جي 143 عالمن جي ڳالهائڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.سنڌ جي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي عالمن ۽ درسگاهن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو