سنڌ جي 5 ضلعن جا ڊي سي ۽ اهم عهدن تي مقرر آفيسر تبديل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت مختلف ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر ۽ اهم عهدن تي مقرر سينئر آفيسرن کي هٽائي سندن جاءِ تي نوان آفيسر مقرر ڪيا آهن. سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊي سي ايسٽ شهزاد فضل عباسي، ڊي سي ڪياماڙي طاهر چيما، جيڪب آباد، ٽنڊوالهيار ۽ ملير جي ڊپٽي ڪمشنرن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي. ايم ڊي سنڌ سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي عهدي تان امتياز شاهه کي هٽايو ويو آهي ۽ ان جي چارج سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ خالد حيدر شاهه کي ڏني وئي آهي. سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن جي عهدي تان صمير عباسي ۽ اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي سربراهي تان طارق چانڊيو کي به هٽايو ويو آهي. ٻئي طرف راجا طارق حسين کي ڊپٽي ڪمشنر ڪياماڙي، ابرار احمد جعفر کي ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ ڪراچي، سليم الله اوڍو کي ڊپٽي ڪمشنر ملير ۽ نور مصطفيٰ لغاري کي ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالهيار مقرر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو