ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي آئيني ترميم تي سمجهوتو ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي. ملڪ ۾ انصاف جي نظام ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ وفاقي آئيني عدالت قائم ڪرڻي پوندي.ڪراچي ۾ بينظير هاري ڪارڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جڏهن پاڪستان آئي ته انهي جو به ارادو هو ته ميثاق جمهوريت تي عمل ڪندي اها انهي مشن تي آئي هئي ۽ پنهنجي جدوجهد کي مڪمل ڪندي ڪندي شهيد ٿي وئي. ميثاق جمهوريت جي تحت ڪجهه شيون رهجي ويون هيون، ڇا اسان انهن کي وساري ڇڏيون؟ ڇا جيل ۾ ويٺل شخص جي ڪري اسان پنهنجي اڳواڻ جو واعدو وساري ڇڏيون. پاڪستان پيپلز پارٽي انهي تي سمجهوتو ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي.هن چيو ته مان سنڌ جي عوام کان پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا اوهان پاڪستان جي عدل ۽ انصاف جي نظام مان مطمئن آهيو، جيڪڏهن اوهان کي اهو نظام صحيح لڳي ٿو ته انهي کي ائين ئي هلڻ ڏنو وڃي. جيڪڏهن اوهان کي لڳي ٿو ته انصاف جو نظام ٽٽل آهي ۽ اهو ناانصافي جو نظام آهي ته ميثاق جمهوريت ۾ انهي نظام ۾ ڪمزورين جو حل به ٻڌايو ويو آهي.پ پ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن انصاف جي فراهمي کي يقيني بنائڻو آهي ته ملڪ ۾ برابري جي نمائندگي کي يقيني بنائڻُ پوندو. عام عدالت سان گڏوگڏ هڪ مخصوص عدالت جو قيام به انهي ۾ بهتري آڻڻ جو هڪ طريقو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته جڏهن پاڪستان جي سمورن صوبن کان برابري جي بنياد تي منصفين ويهندا تڏهن ئي اسان جي آئيني مسئلن جو حل نڪرندو. اسان جي بنيادي حقن جو تحفظ هوندو. جيڪڏهن وفاق جو ڪنهن صوبي سان جهيڙو ٿي رهيو هجي يا انهي صوبي کي ڪي مسئلا پيش هجن ته پوءِ هڪ جهڙو فورم هجڻ گهرجي جتي انهن مسئلن کي حل ڪري سگهجي. اسان جا 2 مطالبا آهن هڪ آئيني عدالت جو قيام ۽ ٻيو ججز جي مقرري جو طريقيڪار اهو سڀ ڪجهه ميثاق جمهوريت ۾ طئي ڪيو ويو هو.پ پ چيئرمين چيو ته جيڪي ماڻهو مون کي چئي رهيا آهن ته پوئتي هٽي وڃ ته مان انهن کي چوان ٿو ته اوهان پوئتي هٽي وڃو انهي ڳالهه جو ڪهڙو مطلب آهي ته آئيني ترميم جي لاءِ وقت صحيح نه آهي؟ جيڪڏهن اهو هاڻ نه ٿيندو ته ڪڏهن ٿيندو؟ قائد عوام کي شهيد ڪيو ويو، آمر جنرل ضياءُ الحق کي آئين ۾ ترميم ڪرڻ ۽ وفاقي شرعي عدالت قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي تڏهن ڪنهن کي به فڪر نه هئي، هن وڌيڪ چيو ته مون کي جيتري هن عدالتي نظام جي خبر آهي ايتري ڪنهن ٻئي سياستدان کي خبر نه آهي. پ پ چيئرمين چيو ته جنهن عدالت جي ذميواري اسان جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ حق جو دفاع ڪرڻ آهي اهائي عدالت هڪ فوجي آمر کي پنهنجي مرضي جو آئين ٺاهڻ جي اجازت ڏيندي آهي. اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري اهڙو نظام شروع ڪيو جنهن سان عوام کي انصاف نه مليو پر جيڪڏهن ڪنهن کي انصاف ڏنو ويو ته اهو صرف جج صاحبان کي مليو. بلاول ڀٽو چيو ته اسان کي ڦاهي جي تختي تي لٽڪايو ويندو آهي، اسان جي عورتن کي جيل ۾ بند ڪيو ويندو آهي اهو آهي اوهان جي انصاف جو مڪمل نظام، اوهان چئو ٿا ته ائين ئي هلڻ ڏيو پر هاڻ ائين نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته پ پ جيڪا آئيني ترميم جي تجويز ڏني آهي اها سمورن شهيدن ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي واعدي تي ٻڌل آهي جيڪا ميثاق جمهوريت ۾ لکيل آهي. اسان سڀئي گڏجي انصاف، عدالتي اصلاحات آئيني ترميم ۽ برابري جي نمائندگي جو مطالبو ڪنداسين. پ پ جي جيالن کي هدايتون ڏيان ٿو ته اهي پروپيگنڊا تي ڌيان نه ڏين عوام وٽ وڃي انهي کي عدالتي اصلاحات کان آگاهي ڏين…… ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اسين 15 لک کان مٿي هارين جي رجسٽريشن ڪئي آهي جن مان 10 لک کي هاري ڪارڊ ڏنو ويندو. في الحال في ايڪڙ 5 هزار روپيا ٻج ڀاڻ لاءِ ڏنا ويندا. رجسٽرڊ هارين ۾ اڪثريت ساڍا ٻارنهن ايڪڙ وارن جي آهي ٻئي مرحلي ۾ 25 ايڪڙ وارن زميندارن کي ڪارڊ ملندا. هن چيو ته هر تعلقي سطح اسٽنٽ ڪمشنر، ضلعي سطح تي ڊي سي ۽ ڊويزن جي سطح تي ڪمشنر هاري ڪارڊ ورهائڻ وارين ڪميٽن جا سربراهه هوندا. جن جي نگراني وزيرن تي مشتمل ڪميٽي ڪندي. هن چيو ته 2022 جي ٻوڏ ۾38 لک هيڪٽرز تي مشتمل فصل تباهه ٿيو ۽ هارين کي 420 ارب جو نقصان ٿيو. اسين نقصان جي ازالي لاءِ 3 لک هارين کي 20 ارب روپيا امداد ڏني، جنهن سبب 2024 ۾ سنڌ ۾ 40 لک ٽن ڪڻڪ جي راڪرڊ پيداوار ٿي. هن چيو ته اسين انشورنس ڪمپني سان ڳالهايون پيا جيڪا ننڍن آبادگارن جي فصل جي انشورنس ڪندي. هن چيو ته هاري ڪارد تي سنڌ بئنڪ بنا وياج جي هارين کي قرض ڏيندي ان جو وياج سنڌ حڪومت ادا ڪندي. هاري ڪارد وارا زرعي مشينري، سولر ٽيوب ويل جا به حقدار هوندا. هن سال هارين جي امداد لاءِ 8 ارب روپيا بجيٽ ۾ رکيا آهن.
ڪرم ۾ مسافر گاڏين تي فائرنگ 15 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي
آئيني بينچ جو پاڻمرادو نوٽيس، گم ٿيل ٻارن جي ڪيس ۾ رپورٽ طلب
افغانستان ۾ دهشتگردن کي ملندڙ حمايت تي ڳڻتي آهي: ممتاز زهريٰ
پهرين ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي گرائونڊ جي تقريب
ن ليگ قومي اسيمبلي ميمبر عادل بازئي ڊي سيٽ
پاڪ فضائيه سربراهه جو آئيڊياز جو دورو، اسٽالز جو جائزو
سنڌ ۾ هلندڙ سال ايڇ آءِ وي ايڊز جي مريضن ۾ تيزي سان اضافو
شھدادپور ۾ پورهيت جي گهر کي باهه،چوپائي مال سميت سامان سڙي رک
سي سي آءِ جو اجلاس سڏايو وڃي،وڏي وزير جو وفاق کان مطالبو
تڪراري منصوبن تي اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي،بلاول ڀٽو
ڪي پي ۽ پنجاب ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند ڪرڻ جو فيصلو
پي ٽي آءِ جو احتجاج روڪڻ لاءِ درخواست تي آءِ جي،گهرو وزير ۽ ٻيا طلب
پاڻي جي انتظام تي سنڌ جا خدشا بي بنياد ناھن، پاڻي سڀني جو گڏيل حق آھي
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر واري احتجاج لاءِ جهادي اسڪواڊ تيار
ڀارتي سپر اسٽار آلو ارجن جي فلم 300 ڪروڙ رپيا
ڪارڪنن جي گرفتارين تي حڪومت جي بي حسي واضح آهي: سيف
آئيني بئنچ ، مراد علي شاهه جي نااهلي واري درخواست رد
ڊالر 278 رپيا ٿي ويو،ايڪسچينج ۾ هاڪاري رجحان
وي پي اين استعمال ڪندڙن کي پڪڙڻ آسان نه هوندو: سجاد مصطفيٰ
سموري دنيا ۾ مهاڻن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي