سنڌ حڪومت جي ”وار آن پيس“

نصير ميمڻ
گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران پوليس جي دهشتگرديءَ جا جيڪي منظر نظر آيا، انهن لاءِ شرمناڪ جو لفظ معمولي ٿو لڳي، اها پوليس جنهن کي هفتو اڳ دهشتگرد هوائي اڏي اڳيان ذلت جو نشانو بنائي ويا، سا ڪالهه پرامن ليکڪن، سول سوسائٽيءَ جي ڪارڪنن ۽ امن گهُرندڙ ورڪرن تي ائين ڪڙڪي پئي، ڄڻ اهي بم ۽ بندوقون کڻي حملو ڪرڻ آيا هئا. گذريل ٻن هفتن کان ڪراچيءَ ۾ پرامن رواداري مارچ جو اعلان ٿيل هو، ان سلسلي ۾ سنڌو نواز گهانگهرو، عاليه بخشل ٿلهو ۽ سندن ٻيا ليکڪ توڙي سول سوسائٽيءَ جا ساٿي شهر ۾ رابطا ڪري رهيا هئا، هنن سنڌ ۾ وڌندڙ انتهاپسنديءَ ۽ جنونيت خلاف رواداري مارچ ڪرڻ ٿي گهُريو، اهو مارچ نه رياست جي خلاف هو، نه ئي وري حڪومت جي خلاف هو. اهو مارچ سنڌ ۾ انتها پسنديءَ ۽ دهشتگرديءَ کي رد ڪرڻ لاءِ ڪيو ٿي ويو، جنهن جي دعوا رياست پاڻ ڪندي رهي ٿي. ان مارچ جي مقرر ٿيل تاريخ کان اڳ هڪ انتها پسند گروهه ساڳي ڏينهن، ساڳي وقت ۽ ساڳي ماڳ تي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو هو، انصاف ۽ قانون جي تقاضا هئي ته پرامن رواداري مارچ خلاف ڌمڪي آميز لهجو، اختيار ڪندي اوچتو نئين مارچ جو اعلان ڪندڙ گروهه کي روڪيو وڃي ها. اهو رويو ئي شرپسنديءَ وارو آهي. انهن انتهاپسند گروهن کي اوچتو اها ريلي ڪڍڻ جو ٽاسڪ ڪٿان مليو هوندو؟، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي.
جڏهن کان سنڌ واسين مذهب جي آڙ ۾ ثابت نه ٿيل الزام هيٺ هڪ نوجوان ڊاڪٽر جي بيرحماڻي قتل خلاف جدوجهد ڪئي آهي ۽ اهڙي جنونيت کي اعلانيل طور رد ڪيو آهي، هڪ مخصوص ذهنيت رکندڙ گروهه جي ننڊ حرام ٿيل هئي. سنڌ جي ليکڪن، سول سوسائٽي جي ورڪرن ۽ پرامن سياسي ڪارڪنن رڳو اهو مطالبو ٿي ڪيو ته بنا ثابتيءَ جي الزام هيٺ آيل ماڻهن کي تحويل ۾ مارڻ ۽ ان تي جشن ملهائڻ وارا غير انساني طريقا سنڌ ۾ عام ٿيڻ نه ڏنا ويندا. هڪ اهڙو قتل ،جنهن کي خود پوليس جي جاچ ۾ غير قانوني ۽ ظلم قرار ڏنو ويو، ان جي خلاف آواز اٿارڻ ۽ ان جي مجرمن کي گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪرڻ ۾ ڪهڙو ڏوهه هو؟، جنهن تي ايڏي دهشتگردي ڪئي وئي. هن ئي هفتي خيبر پختونخواهه ۾ پختون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) پاران هڪ تمام وڏي جرڳي جو اعلان ڪيو ويو. اتي به ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿيل هئي ۽ اها ڇڪتاڻ روادري مارچ جي ڀيٽ ۾ سوين ڀيرا وڌيڪ جوکم واري نظر اچي رهي هئي، حڪومت نه رڳو پي ٽي ايم تي پابندي لاڳو ڪئي هئي، پر جرڳي کان هڪ ڏينهن اڳ قانون لاڳو ڪندڙن جي فائرنگ ۾ سندن ٽي ڪارڪن به قتل ٿي چڪا هئا، پر خيبر پختونخواهه جي حڪومت ان ٻرندڙ صورتحال کي نهايت سياڻپ سان سنڀالي ورتو. هڪ ڏينهن اڳ سمورين سياسي ڌرين کي ڪٺو ڪري گڏيل صلاح سان فيصلو ڪيو ويو. وڏي وزير گنڊاپور پاڻ پي ٽي ايم سان رابطو ڪيو ۽ سڄي معاملي کي ٺاريو ويو. صوبائي حڪومت پاڻ ان جرڳي جا انتظام ڪيا ۽ جرڳي کي محفوظ ماحول فراهم ڪري ان خطرناڪ صورتحال کي نارمل ڪيو. ان جي ڀيٽ ۾ رواداري مارچ ته بنهه نارمل نوعيت جو پروگرام هو، جنهن کي ڳالهين ٻولهين سان نبيري پيو سگهجي. اهو ڪم پوليس آفيسرن جي حوالي ڪري قلم 144 وارو ڪالونيل حل ڪڍڻ بجاءِ ان کي سياسي نموني منهن ڏيڻ گهرجي ها.
ڇا سنڌ سرڪار کي ڪالهه ان مارچ جي خبر پئي هئي، جو اوچتو قلم 144 لڳائي، طاقت جو وحشياڻو استعمال ڪرڻ وارو رستو اختيار ڪيو ويو؟ جيڪڏهن سياسي رابطي وسيلي ٻنهي مارچن لاءِ الڳ رستا ۽ وقت مقرر ڪرائي ان معاملي جو ڪجهه ڏينهن اڳ حل ڪڍجي ها ۽ ان گروهه جي رستي روڪ ڪجي ها ته اها نوبت پيش نه اچي ها. ٻي ڳالهه ڀلا جيڪڏهن قلم 144 جي باجود پرامن ورڪر پريس ڪلب اڳيان پهچي ويا هئا ته اهي امن ۽ رياست لاءِ ڪهڙو خطرو بڻجڻ وارا هئا؟، اهي وڌ ۾ وڌ نعرا هڻن ها ۽ تقريرون ڪن ها. پوليس کين حفاظتي گهيري ۾ آڻي کين تقريرون ڪرڻ ڏئي ها ته ان ۾ ڪهڙي قيامت اچي وڃي ها؟. آخر اهڙي ڪهڙي امن امان جي خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي هئي، جنهن کي روڪڻ لاءِ ايڏي بربريت جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي.
عمر ڪوٽ واقعي ۾ جن اهم پوليس آفيسرن ۽ ٻين جوابدارن جا نالا ايف آءِ آر ۾ داخل آهن، انهن کي پوليس اڄ تائين هٿ نه لاتو آهي. پوليس کي طاقت وسيلي قانون لاڳو ڪرڻو آهي ته اهو انهن ماڻهن تي ڪري، جن تي سرڪاري جاچ ۾ دهشتگردي ثابت ٿي آهي. قانون آڏو ظلم ڪندڙن تي قدم کڻڻ بجاءِ خاص حڪمن/فرمائش هيٺ هٿين خالي پرامن ليکڪن، شاعرن، آرٽسٽن ۽ سياسي سماجي ورڪرن خلاف پوليس جي درندگيءَ کي استعمال ڪري ڇا ثابت ڪيو ويو آهي؟ حڪومت اهو سڄو لقاءُ اهڙي وقت تي پيدا ڪيو، جڏهن ٻن ڏينهن کان پوءِ هڪ انتهائي اهم سفارتي ۽ تجارتي نوعيت جي ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿي رهي هئي، ساڳئي وقت ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جي هڪ ڀوائتي لهر به هلندڙ آهي. اهڙي موقعي تي پرامن ماحول وارن علائقن ۾ ٽڪراءَ ۽ ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ڪرڻ ڪنهن به لحاظ کان ساڃاهه وارو عمل ناهي. حڪومت سڄي دنيا ۾ چئي ٿي ته ملڪ دهشتگرديءَ جي نشاني تي آهي. سڀني کي خبر آهي ته ان دهشتگرديءَ ۾ ٻين گروهن سان گڏ انتهاپسند گروهه به شامل آهن. ان لحاظ کان ته سنڌ حڪومت کي امن ۽ رواداريءَ لاءِ مارچ ڪندڙن جي آجيان ڪرڻ گهرجي ها، جيڪي دهشتگرديءَ جي مخالفت ۾ آواز اٿاري رهيا آهن. سڄي ملڪ ۾ انتهاپسند گروهه مذهبي نوعيت جا الزام هڻي، ماڻهن کي ماريندا رهندا پر ڪير ٻڙڪ به ناهي ڪڍندو. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ واحد صوبو آهي، جتي عوامي ساڃاهه ان انتهاپسنديءَ ۽ دهشتگرديءَ خلاف پرامن مزاحمت ڪري رهي آهي. سنڌ جي ليکڪن ۽ سول سوسائٽيءَ ان قسم جي ڏهڪاءَ اڳيان کوڏا کوڙڻ بجاءِ ان جي پرامن مزاحمت وارو رستو اختيار ڪيو آهي، جيڪو خود سرڪار جي دهشتگردي خلاف دعوائن جي حق ۾ وڃي ٿو. اهڙي پرامن مطالبي جي موٽ ۾ رياستي تشدد وارو رستو اختيار ڪرڻ جو مطلب ته اهو ٿو نڪري ته دراصل حڪومت پاڻ انتهاپسندن جي واهر وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
عمرڪوٽ واقعي کان پوءِ سنڌ جي روشن خيال سول سوسائٽي مکيه سياسي پارٽين جي ماٺ يا پاسيري رهڻ واري رويي جي باوجود عوامي جاڳرتا جي سگهه سان سنڌ ۾ جنونيت جي مزاحمت ڪري رهي آهي، بدقسمتيءَ سان سنڌ جي ڪجهه اهم سياسي اڳواڻن ۽ سندن جماعتن ان انتهائي نازڪ مسئلي تي گهڻي ڀاڱي پاسيرو رهڻ وارو رستو اختيار ڪيو آهي. سنڌ جي انهن قومپرست جماعتن ۽ اڳواڻن کي پنهنجي ان رويي تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ گهرجي، اهي جيڪڏهن سياسي ادارا ڪردار ادا نه ڪندا ته ان حال ۾ سول سوسائٽي ۽ عام شهرين کان جيڪو پُڄي سگهندو، سو ڪندا. انهن اهم ۽ حساس معاملن تي لاتعلقي سياسي ڌرين لاءِ چڱو سنوڻ ناهي. جيڪڏهن انهن ڌرين جي ڪن معاملن تي ڪا ٻي راءِ به هجي، تڏهن به کين گهٽ ۾ گهٽ سرڪاري تحويل ۾ شهريءَ جي قتل جي ضرور مخالفت ڪرڻ گهرجي ها. سياسي پارٽيون ۽ قيادتون عوامي شعور کي رهنمائي ڏيڻ بجاءِ پُٺڀريون رهنديون ته عوام جي صفن ۾ پنهنجي حمايت وڃائي ويهنديون. انتهاپسنديءَ جي هن ڏهڪاءَ ۾ عوامي حوصلي ۽ همت کي اڳواڻي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ واسين پنهنجي پوري عوامي شعور ۽ پرامن احتجاج جي سگهه سان انتهاپسندي ۽ جنونيت کي هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪيو آهي. سنڌ سرڪار امن ۽ ڀائيچاري جي ان آواز کي طاقت جي زور تي چيڀاٽي جن طاقتن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان وٽان کين ڪڏهن به چڱائي پلئ نه پوندي. سنڌ حڪومت ان قسم جي روين سان پاڻ کي سنڌ جي عوام کان اڪيلو ڪندي ۽ انتهاپسندن جي ساٿاريءَ طور سڃاتي ويندي.
هن وقت جڏهن تڪراري واهن ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم وسيلي سنڌ جي پاڻيءَ تي نئين ڌاڙي جون تياريون هلندڙ آهن، سنڌ حڪومت کي ان جي خلاف سنڌ جي سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽيءَ سان گڏيل حڪمت عملي ٺاهڻ گهرجي ها، ان سنڌ جي ساڃاھ وندن سان اهڙو غير انساني ورتاءُ ڪري هڪ اهم مقصد لاءِ ٿيندڙ عوامي ٻڌي ۽ گڏيل جدوجهد کي به ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌ جي اهم سياسي مسئلن تي عوامي جدوجهد کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ انتهاپسند ڌرين کي ميدان تي لاٿو ويو آهي. سنڌ حڪومت انهن انتها پسند گروهن کي لغام ڏيڻ بجاءِ روشن خيال حلقن سان ٽڪراءَ ۾ اچي انتهاپسند ڌرين جا هٿ مضبوط ڪري رهي آهي. اهو سڀ ڪجھ انهن قوتن جي اشاري تي ٿي رهيو آهي، جيڪي سنڌ کي اندروني انتشار ۾ ڦاسائڻ گهُرن ٿيون. سنڌ حڪومت تشدد جو استعمال ڪري انهن طاقتن جي ايجنڊا کي سگهارو ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو