ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت مختلف راندين جا ايونٽ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جن ۾ ڊونڪي ڪارٽ ريس، سنڌ بيچ گيمز، اسپيشل گيمز، اي اسپورٽس ۽ سنڌ پنڪ گيمز شامل آهن. اهڙو اعلان سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو. سردار محمد بخش مهر ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ڊونڪي ڪارٽ ريس جو انعقاد 25 ڊسمبر 2024 کان ٿيندو. سمنڊ جي ڪناري تي سنڌ بيچ گيمز 17، 18 ۽ 19 جنوري 2025 تي ٿينديون. ان کان علاوه، سنڌ پنڪ رانديون فيبروري 2025 ۾ منعقد ٿينديون. جڏهن ته قائد اعظم گيمز 25 ڊسمبر 2024 تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿينديون. انهن راندين ۾ ڪرڪيٽ، فٽبال، هاڪي، بيڊمنٽن، سافٽ بال، ايٿليٽڪس، ڪراٽي ۽ ريسلنگ جهڙيون رانديون شامل هونديون. هن سنڌ جي 30 ضلعن ۾ 23 ڊسمبر کان 30 ڊسمبر 2024 تائين سياري جا ڪوچنگ ڪلاس شروع ڪرڻ بابت پڻ بڌايو ته انهن ڪلاسن جو مقصد نوجوانن جي راندين ۾ دلچسپي وڌائڻ سان گڏ انهن جي صلاحيت کي وڌائڻ ۽ انهن کي عالمي معيار موجب تربيت فراهم ڪرڻ آهي. اي-اسپورٽس جي حوالي سان سردار محمد بخش مهر چيو ته راندين جي دنيا ۾ سندس مقبوليت تيزي سان وڌي رهي آهي. ”نوجوان نسل هاڻي اي-اسپورٽس ڏانهن وڌيڪ متوجه ٿيو آهي، جنهن جو ايندڙ ڪجهه سالن ۾ هڪ وڏي صنعت بڻجڻ جو امڪان موجود آهي. سنڌ حڪومت ان شعبي کي وڌيڪ ترقي ڏيارڻ لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي.“ سردار محمد بخش مهر وڌيڪ چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي جديد راندين جا ميدان، تربيت ۽ سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ته جيئن راندين جي شعبي ۾ ترقي ڪئي وڃي. هن واضح ڪيو ته اهي قدم سنڌ حڪومت پاران راندين کي هٿي وٺرائڻ ۽ نوجوانن جي ڀلائي جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا.
واٽر ڪارپوريشن پاران شهر ۾ پاڻي جي مڪمل بحالي جي دعويٰ
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي
سنڌ حڪومت پاران مختلف راندين جا ايونٽ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار
پسند جي شادي جو مطالبو ڪندڙ قيد ڇوڪري بازياب، جوابدار گرفتار