ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي جي سمورن سرڪاري ملازمن کي ايڊوانس پگهار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب، اهو فيصلو سرڪاري ملازمن جي سهولت لاءِ ڪيو ويو آهي ته جيئن هو عيد جون تياريون ڪري سگهن. ان سلسلي ۾ صوبائي حڪومت پاران باظابطا نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب، سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي ايڊوانس پگهار 21 مارچ تي ادا ڪئي ويندي.
