پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ کي نئين گاڏين جي فراهمي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت ڪرمڻل پراسيڪيوشن کاتي جي اهم ادارن کي وسيلن جي فراهمي تي يقين رکندي آهي. ان سلسلي ۾ 22 آڪٽوبر 2024 تي سنڌ جي قانون ۽ گهرو کاتي واري وزير ضياء الحسن لنجار مهمان خاص جي حيثيت سان تقريب ۾ پراسيڪيوٽرز ۾ گاڏيون ورهايون، جيڪي ڪرمنل جسٽس جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ جي آفيس ۾ منعقد ڪيل تقريب جي ميزباني پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ ڊاڪٽر فياض الحسن شاهه ڪئي جنهن جو مقصد پراسيڪيوٽرز کي پنهنجي فرضن کي موثر انداز ۾ انجام ڏيڻ لاءِ ضروري وسيلا فراهم ڪرڻ هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪم ڪرڻ وارن پراسيڪيوٽرز ۾ گڏيل طور تي 28 نيون گاڏيون ورهايون ويون. تقريب ۾ قانون وارو سيڪريٽري علي احمد بلوچ، ايڊووڪيٽ جنرل حسن اڪبر، وائس چيئرمين سنڌ بار ڪونسل ڪاشف حنيف ۽ پراسيڪيوٽرز پڻ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو