ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌ سرڪار 16 ميڊيڪل آفيسرن کي 19 مان 20 هين گريڊ ۾ ترقي ڏئي مختلف شهرن ۾ پوسٽنگ ڪري ڇڏي آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سول اسپتال دادو جي ڊاڪٽر غلام علي کي 20 هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ بعد کيس چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ۾ چيف سپريٽنڊنٽ ميڊيڪل آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي سول اسپتال جي ڊاڪٽر اعجاز احمد زيدي کي ترقي ملڻ بعد ساڳي اسپتال ۾ ايڊيشنل ايم ايس ايڊمن مقرر ڪيو ويو، چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار علي خواجا کي 20 هين گريڊ ۾ ترقي ڏئي کيس سروسز اسپتال حيدرآباد ۾ ايڊيشنل سول سرجن طور مقرر ڪيو ويو، لمس جي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر ظفر ڀٽي کي به ترقي ڏئي ڪوٽڙي جي انسٽيٽيوٽ آف چيسٽ ڊزيزز ۾ چيسٽ اسپيشلسٽ مقرر ڪيو ويو، حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس جي سينيئر ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر مسعود حسين کي حيدرآباد ۾ سي ڊي ڊي جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر لڳايو ويو، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ڊاڪٽر عبدالستار ڪمبوکي 20 هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ سان گڏ سول اسپتال بدين ۾ ايم ايس مقرر ڪيو ويو، لمس جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر چيتن داس کي حيدرآباد ۾ شاهه ڀٽائي اسپتال لطيف آباد جو چيف ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ بڻايو ويو، لمس جي رجسٽرار محمد ابرار پٺاڻ کي 19 مان 20 هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي ۽ کيس لمس ۾ ئي چيف سپريٽنڊنٽ ميڊيڪل آفيسر مقرر ڪيو ويو، سيتا روڊ جي رورل هيلٿ سينٽر جي ڊپٽي ايم ايس ڊاڪٽر رفيق احمد کي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ۾ چيف سپرينٽنڊنٽ ميڊيڪل آفيسر مقرر ڪيو ويو، لمس جي ڊاڪٽر رزاق کي حيدرآباد جي قاسم آباد اسپتال ۾ چيف سپر نٽنڊنٽ ميڊيڪل آفيسر لڳايو ويو، نيو ڪراچي جي سرڪاري اسپتال جي ڊاڪٽر پرويز لطيف کي نارٿ ڪراچي جي اربن هيلٿ سينٽر ۾ چيف سپرنٽنڊنٽ ميڊيڪل آفيسر بڻايو ويو، حيدرآباد جي پريٽ آباد جي اسپتال جي ڊاڪٽر جاويد احمد کي 20 هين گريڊ ۾ ترقي ڏئي جنرل هيلٿ سروسز حيدرآباد ۾ ڊائريڪٽر ايڊمن اڪائونٽس لڳايو ويو، سيتار روڊ جي رورل هيلٿ سينٽر جي ايڊيشنل ميڊيڪل سپرينٽنڊنٽ ڊاڪٽر هاشم ٿهيم کي جنرل هيلٿ سروسز حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل جو عهدو ڏنو ويو، پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاهه جي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر نور احمد چنڙ کي ساڳي ڪاليج ۾ چيف سپرنٽنڊنٽ ميڊيڪل آفيسر بڻايو ويو آهي. ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس جي سپروائيزري ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر محمد ايوب انڙ کي به ترقي ڏئي پي ايڇ ڊي سي ڄامشورو ۾ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر لڳايو ويو، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اي پي آءِ ڪراچي ڊاڪٽر ظهور احمد جاگيراڻي کي 20 هين گريڊ ۾ ترقي ڏئي ساڳيون ذميواريون سنڀالڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
تازيون خبرون
مشهور خبرون
