رواداري مارچ ۽ ٽي ايل پي جون پوليس سان چڪريون، شيلنگ ۽ لٺبازي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)قلم 144 جي ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ پوليس سنڌ ۾وڌندڙ انتها پسندي خلاف ۽ توهين مذهب جي الزام هيٺ پوليس جي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ٿيل شاهنواز ڪنڀار جا قاتل گرفتار ڪرڻ لاءِ ”رواداري مارچ“ تي ڪڙڪي پئي. ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران پرامن احتجاج ڪندڙ سنڌ جي سڄاڻ ڌرين ۽ سول سوسائٽي ۾ شامل هزارين ماڻهن تي پوليس شيلنگ ۽ لٺبازي ڪندي لاتعداد ڪارڪن جي تذليل ڪندي گرفتار ڪري ورتو. پوليس پريس ڪلب ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش به ڪئي ۽ صحافين پاران مزاحمت تي هڪ درجن جي لڳ ڀڳ صحافين کي به گرفتار ڪري ورتو. پوليس اهلڪارن پوليس گڏ ٿيل مرد عورتن مٿان ڪڙڪي پئي جامي چانڊيو، ناليوارو راڳي سيف سميجو، روميسا جامي چانڊيو، سنڌو نواز گهانگهرو، حمز علي چانڊيو، بخشل ٿلھو ،عاليه بخشل ٿلهو، قاضي خضر حيات،علي پلھ، پريل مري ،مھناز رحمان، ناصر منصور ، سميت سوين مرد توڙي عورتن کي مارڪٽ ڪري زبردستي گرفتار ڪري اڻ ڄاتل جاءِ تي کڻي وئي. روماسا کي اهلڪارن زمين تي ڪيرائي ٽنگو ٽالي ڪري پوليس وين ۾ کنڀي وئي.آچر تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ سنڌ جي سڄاڻ ڌرين ۽ سول سوسائٽي پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ۽ مارچ ڪيا ويا. ٽي ايل پي ٽن تلوارن تي احتجاج جو اعلان ڪيو هو ۽ جيئن شهر جي مختلف علائقن مان قافلا اچڻ شروع ٿيا ته پوليس ۽ رينجرز کين مختلف جاين تي روڪي منتشر ڪيو. رينجرز هوائي فائرنگ به ڪئي. سنڌ رواداري مارچ ۾ شامل قافلا پريس ڪلب پهتا ته مٿن پوليس ڪڙڪي پئي.سول سوسائٽي جي اڳواڻن چيو ته رياستي سرپرستي ۾ سنڌ جي سيڪيولر سڃاڻپ ختم ڪرڻ لاءِ انتها پسندي کي هٿي وٺرائي پئي وڃي. سنڌ رودار مارچ ۾ سڄي سنڌ مان ترقي پسند آوازن سميت انساني حقن جي محافظن، ٽريڊ يونينن ۽ فيمنسٽ تحريڪن جا ڪارڪن شامل هئا. ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا تي احتجاج جي فوٽيجز ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته پوليس ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران مظاهرين تي لاٺي چارج ڪئي. ھوڏانھن تحريڪ جي سڏ  سنڌو نواز گهانگهرو ريلي پهچڻ تي ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ڳالهائيندي چيو ته اسان جي پرامن ريلي خلاف رڪاوٽون بيهاري صبح کان وٺي ٽي تلوار ۽ پريس ڪلب ٻاهران ڪارڪنن کي گرفتار ڪري سنڌ حڪومت پنهنجي پت وائکي ڪئي آهي ، اسان مٿان به پوليس حملو ڪرڻ لاءِ تيار بيٺي آهي، پر اسان نه رڪنداسين، اسان امن، رواداري جو ماحول ۽ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن جي گرفتاري چاهيون ٿا . ترقي پسند دانشور جامي چانڊيو چيو ته رياست مذهبي انتهاپسندي جي پٺڀرائي ڪري دراصل پاڪستان کي دنيا ۾ رسوا ڪري ملڪ کي سياسي، اقتصادي نقصان ڏئي رهي آهي، سنڌ حڪومت جيڪا پرامن سول سوسائٽي مٿان پوليس دهشتگردي ڪري عورتن جي بي حرمتي ڪرائي نوجوانن مٿان تشدد ۽ گرفتارين جو سلسلو شروع ڪيو آهي، ان سان پي پي پي ۽ ان جي سنڌ حڪومت جي جمهوري ۽ سيڪيولر دعوا مٿان پيل نقاب لهي پيو آهي،ريلي ۾ سنڌو نواز گهانگهرو، رومانسه جامي چانڊيو ۽ لاتعداد نوجوانن ۽ عورتن جي گرفتاري بعد هڪ دفعو ٻيهر هڪ پوليس اهلڪار جي مذهبي نعري بعد ڪراچي پريس ڪلب جي گيٽ تي بيٺل جامي چانڊيو، خضر حيات، مرڪ منان چانڊيو ،عاليه بخشل ۽ ٻين ريلي ۾ شامل ڪارڪنن مٿان ڪڙڪي پئي جنهن ۾ جامي چانڊيو کي ٻيهر پوليس تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ بخشل ٿلهو مٿان بار بار تشدد ڪري کيس روڊ تي گهلي گهلي پوليس موبائيل ۾ ڦٽو ڪيو. ان بعد اتي بيٺل ۽ ايندڙ ڪارڪنن مٿان لٺيون وسائي گرفتار ڪندا رهيا، جيڪو اٽڪل منو ڪلاڪ اها ڪارروائي هلندي رهي.پريس ڪلب ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي اسد رضا چيو ته 20 جي لڳ ڀڳ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن. پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي موجب پوليس ڪنٽينر رکي پريس ڪلب جا رستا بند ڪيا هئا، صحافين ۽ ڪيمرا مينز کي به پريس ڪلب اچڻ کان روڪيو ويو، اسين پوليس گردي جي مذمت ٿا ڪريون. احتجاج دوران دي سي ڪراچي ڏکڻ الطاف ساريو پريس ڪلب پهتو، جنهن چيو ته قلم 144 لاڳو آهي. جنهن تي سعيد سربازي کيس چيو ته پريس ڪلب هائيڊ پارڪ آهي هتي سڀني کي احتجاج جو حق آهي ۽ قلم 144 ڪلب تي لاڳو نه ٿيندو آهي. ڊي سي چيو ته شنگهائي ڪانفرنس جا مهمان اسلام آباد پهچي رهيا آهن ان موقعي تي احتجاج سان سٺو پيغام نه ويندو. سربازي موجب آءِ جي سنڌ پوليس غلام النبي ميمن به ساڻن رابطو ڪيو جنهن گرفتاري صحافي آزاد ڪرڻ پريس ڪلب تي لڳايل پابنديون ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. انساني حقن جي ڪميشن واقعي تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي مظاهرين کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪميشن جي بيان۾ چيو ويو آهي ته ايڇ آر سي پي جي چيئرپرسن اسد اقبال بٽ کي به پوليس گرفتار ڪيو ۽ ميڊيا سان ڳالهائڻ کان روڪيو. آخري اطلاعن تائين ڪراچي م گرفتار ڪيل رواداري مارچ جي اڳواڻن کي آزاد ڪيو ويو پر گزريل رات حيدرآباد مان گرفتار ڪيل ڊاڪتر نياز ڪالاڻي ۽ رياض چانڊيو کي آزاد ناهي ڪيو ويو.

ٽي ايل پي مارچ

ٽي ايل پي جي مارچ ۾ شامل ماڻهن کي روڪن لاءِ ٽن تلوارن، قيوم آباد، ايف ٽي سي ۽ ايم اي جناح روڊ تي ڪيپري سئنيما وٽ پوليس جٿا تعينات هئا. ٽي ايل پي ڪارڪنن جون پوليس ۽ رينجرز سان جهرپون جاري رهيون ۽ رڪاوٽون ٽوڙيندي هو ميٽروپول هوٽل لڳ ريد زون پهتا. چڪرين دوران هڪ شخص جي قتل ۽ پوليس اهلڪارن سميت مزهبي جماعت جي ڪيترن ئي ڪارڪنن جي زخمي ٿين جا اطلاع آهن. ٽي ايل پي جي ڪارڪنن پريس ڪلب پهچڻ لا3 رڪاوٽون ٽوڙيون ته پوليس مٿن شيلنگ ۽ لٺبازي ڪئي. مڇريل ڪارڪنن هڪ پوليس وين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ٽي ايل پي جي ترجمان ريحان خان ماجد نالي ڪارڪن جي مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب فوتگي جي تصديق ڪئي.

اهڙا واقعا سمجھ کان بالاتر آهن، ضياء الحسن لنجار

 سنڌ جي گهرو وزير ضياء الحسن لنجار وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته سول سوسائٽي ۽ مذهبي تنظيمن طرفان هڪ ئي ڏينهن مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو، ڪراچي ۾ ڪمشنر ڪراچي طرفان 144 قلم لڳايو ويو، پرتشدد مظاهرا ٿيا جنهن سبب 2 پوليس اهلڪار شديد زخمي ٿي پيا آهن جڏهن پوليس موبائل کي باھ ڏئي ساڙي ويو هي جيڪي واقعا ٿيا اهي سمجھ کان بالاتر آهن، خاص طور تي ان وقت جڏهن سنڌ حڪومت ڊاڪٽر شاهنواز جي ڪيس ۾ سنڌ حڪومت سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي، شاهنواز جي وارثن جي مرضي سان ايف آئي آر داخل ڪئي وئي جنهن ۾ پوليس آفيسرن پرائيويٽ جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو ايف آئي آر داخل بعد ڪجهه آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو ڪجهه آفيسرن گرفتاري کان اڳ واري ضمانتون حاصل ڪيون ڪجهه آفيسر مفرور انهن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڇاپا هڻي رهي، سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي ڪارڪردگيءَ جو هي مثال ماضي ۾ نه ٿو ملي نه صرف ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي کي سسپينڊ ڪيو ويو پر انهن خلاف ايف آئي آر داخل ڪئي وئي ان باوجود پرتشدد مظاهرا ڪرڻ سمجھ کان بالاتر آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪجه ڏينهن اڳ دهشتگردي جو واقعو پڻ پيش آيو جيڪو پرڏيهي ملڪن ۽ ملڪ ۾ موجود دهشتگردن جي ڳٺ جوڙ سان ٿيو سنڌ جي امن کي سبوطاس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پاڪستان جي امن کي بگاڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هن وقت جڏهن شنگھائی تعاون تنظيم جي اجلاس ٿي رهيو آهي ميمبر ملڪن جا وفد اسلام آباد پهتل آهن سيڙپ ڪاري تي پهتل آهن ان صورتحال ۾ هن قسم جا مظاهرا هڪ محب وطن پاڪستاني لاءِ بهتر نه آهن، سول سوسائٽي وارا چون ٿا اسان پڙهيل لکيل ماڻهو آهيون مذهبي ماڻهو به چون ٿا اسان پڙهيل لکيل ماڻهو آهيون انهن کي خبر هجڻ گهرجي ته قلم 144 لاڳو ٿيل هجي ته ريلي نه ڪڍڻي هوندي آهي اسان هنن کي گذارش ڪئي ته شنگاهي تعاون تنظيم جو اجلاس آهي ريلي نه ڪڍو ڇو ته ان سان ملڪ جو نقصان ٿي رهيو آهي پر هنن ڳالهه نه مڃي قلم 144 لاڳو هجڻ باوجود شهر ۾ هجوم وانگر گهريا ۽ پرتشدد واقعا ڪيا جنهن جو نقصان سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي عوام کي ڀوڳڻو پوندو، عورتن لاٺي چارج تي افسوس ٿيو، ڪاروائي ڪنداسين هن چيو ته جيڪڏهن صحافين سان ڪا زيادتي يا تشدد ٿيو آهي ته ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪنداسين، سنڌ حڪومت پنهنجو ڪم احسن طريقي سان ڪري رهي آهي. هن چيو ته اوهان جنهن سلوگن سان ريلي ڪڍي رهيا هئا ته ان اثر اهو ٿيو ته اسان جي بدنامي ٿي رهي آهي.

روماسا جامي چانڊيو جي پوليس تذليل ڪندي کيس گرفتار ڪيو

پهنجو تبصرو موڪليو